نئون ڪوٽ واسي پ پ اڳواڻ جي امڙ لاڏاڻو ڪري وئي

نئون ڪوٽ (ن ع آ) پ پ اڳواڻ اڳوڻي ناظم ٽائون ڪميٽي نئون ڪوٽ مير وقار ٽالپر شھيد مير ناصر ۽ مير ملڪ محمد جونيئر جي ماءُ مختصر علالت بعد حيدرآباد ۾ لاڏاڻو  ڪري وئي، مرحومه جي تدفين ڳوٺ ڪوٽ مير جان محمد لڳ نئون ڪوٽ ۾ جنازي نماز بعد اولياءَ محمود شاھ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ سياسي سماجي اڳواڻن  پ پ ڪارڪنن ۽ ٽالپر برادري جي ماڻهن شرڪت ڪئي مرحومه جو تڏو ڪوٽ مير جان محمد ۾ ڪيو ويو آهي.

ٺٽي ڀرسان پورھيت کان ھٿيارن جي زور تي 20 ھزار رپيا ڦر

ٺٽو(بيورو چيف) ٺٽي ڀرسان 2 ھٿياربند پورھيت کان ھٿيارن جي زور تي 20 ھزار ڪري فرار ٿي ويا، پوليس ايڪشن نه کنيو. ان سلسلي ۾ ريلوي ۾ ڪم ڪندڙ جھمپير جي ڳوٺ لونگ چانگ واسي پورھيت لکاڏنو چانگ ٺٽي پريس ڪلب ۾ صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته ھُو گذريل ڏينھن ٺٽي جي نجي بينڪ مان 20 ھزار رپيا پگھار ڪڍرائي موٽر سائيڪل تي واپس جھمپير طرف وڃي رھيو ھو ته ٺٽي ڀرسان 2 ھٿياربندن ھٿيارن جي زور تي روڪي کانئن پئسا ڦر ڪري فرار ٿي ويا آھن. ھِن ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڦر ٿيل پئسا واپس ڪرايا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.