ٿر ۾ ڪورونا بي قابو، نوان ڪيس ظاهر، انتظاميا تماشائي

مٺي (رپورٽ:غازي بجير) پوري سنڌ ۾ پکڙيل ڪورونا جي ٻي لهر بعد ٿرپارڪر ضلعي جي شهرن مٺي،ڏيپلو،ڇاڇرو ۽ اسلام ڪوٽ ۾ ڪورونا جا نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ جي باوجود انتظاميا اڃا تائين اگهور ننڍ ۾ سُتل آهي،جنهن سبب شهرن ۾ ڪٿي به ايس او پيز نظر نه ٿي اچي،شهرن ۾ رش هجڻ ڪري ڪورونا پکڙجڻ جا امڪان وڌي ويا آهن،سماجي وٿي تي به ڪٿي عمل نه پيو ڪيو وڃي نه وري صحت کاتو سجاڳ ٿيو آهي،ڪورونا جي ٻي لهر خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري وڃڻ بعد خوف واري صورتحال پکڙيل آهي،شهرن ۾ دڪانن تي واپارين به ماسڪ پائڻ ڇڏي ڏنو آهي،ضلعي انتظاميا ڪورونا واري صورتحال کي منهن ڏيڻ بابت اڳواٽ ڪي به اُپاءُ ناهن ورتا نه وري گڏجاڻيون ڪري عوام کي احتياط جي اپيل ڪئي ويئي آهي،جنهن سبب رهواسي سخ پريشاني ۾ ورتل آهن،ٿر ۾ شادي تقريبن جي به ڌم متل آهي.

اٽي ۾ لاءِ پريشان ٿريا ماسڪ ڪيئن وٺن؟

مٺي:سرڪاري اسڪولن ۾ انتظاميا ٻارڙن کي ماسڪ مفت فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويئي،ٻارڙا بنا ماسڪ جي اسڪولن ۾ ايندي ويندي نظر اچن ٿا،سرڪار پاران اسڪولن ۾ ٻارڙن کي مفت ماسڪ فراهم ڪرڻ واريون دعوائون ڌوڙ ثابت ٿي ويون آهن،اٽي لاءِ پريشاب غريب والدين لاءِ ماسڪ خريد ڪرڻ مسئلو بڻجي ويو آهي.

ٿرپارڪر جي ضلعي انتظاميا ڪورونا تي ننڊ مان اٿي:رهواسي

مٺي:ٿر واسين پاران ڪورونا کان بچاءُ لاءِ احتياطي اُپاءُ وٺڻ لاءِ انتظاميا کي سجاڳ ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي،رهواسين موجب ته انتظاميا کي گهرجي ته عوام کي ماسڪ پائڻ سميت سماجي وٿي تي عمل ڪرائي ۽ جاڳرتا مهم هلائي،ڪورونا جي ٻي لهر خطرناڪ آهي،سياري سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ته ٿرپارڪر جون حالتون بگڙي سگهن ٿيون هتي صحت جون سهولتون اڳئين موجود ناهن.

ٿر ۾ صحت جون سهولتون اڻلڀ، ڪورونا پکڙي ته انساني الميو ٿي سگهي ٿو

مٺي: ٿرپارڪر سنڌ جو سڀ کان پٺتي پيل خطو آهي، جنهن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي، ماڻهن کي بنيادي حق ناهن ملي سگهيا. ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ قائم ڪيل اسپتالون صرف خوبصورت عمارتون آهن، جڏهن ته ان ۾ علاج ناهي ٿيندو. ڏيپلي، ننگرپارڪر، ڏاهلي، ڇاڇري ۽ اسلام ڪوٽ سميت ٻين ننڍن آبادين ۾ ٺهيل اسپتالون به مسئلن کي منهن ڏئي رهيون آهن، تنهنڪري ٿريا سدائين بيمارين ۾ تڙپي مرندا رهيا آهن. اهڙي صورتحال کي ڏسندي بخوبي سمجهي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن ڪورونا وائرس خطرناڪ صورتحال اختيار ڪئي ته ٿر ۾ وڏو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.