”زيادتي بند ڪري انصاف ڪيو“ حيدرآباد ۾ مظلومن جا احتجاجي مظاهرا

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد پريس ڪلب سامهون مختلف ڌرين پنهنجن مسئلن جي حل لاءِ احتجاج جو سلسلو جاري رکيو، جنهن تحت قاسم آباد جي ڳوٺ سنجر ملاح جي پيرسن رهواسي محبوب ملاح پلاٽ تي قبضي خلاف احتجاج جاري رکيو. ڪنري جي ڳوٺ رامچند جي رهواسي رامچند ڪولهي بااثر ماڻهن پاران کيس گهر مان زوري لڏائڻ واري عمل خلاف احتجاج ڪيو. جڏهن ته اڏيرو لال اسٽيشن جي رهواسي جهوني جيالي گووو عرف اشوڪ چند پارٽي قيادت پاران مسلسل نظرانداز ڪرڻ ۽ سندس اولاد کي نوڪريون نه ڏيڻ خلاف احتجاج جاري رکيو. هنن گهر ڪئي ته سندن مسئلا حل ڪري کين پريشاني کان بچايو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.