ڳاڙهي ۾ ڳوٺاڻن جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج

ڳاڙهو (ن ع آ) تعلقي ڪيٽي بندر ڳاڙهو جي ديھ کير سر ڳوٺ عثمان درس جي رهوسين مبارڪ درس، هارون درس، عيسيٰ درس، صديق درس، عمر درس، ايوب درس جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ڪيٽي بندر ڳاڙهو اڳيان جعلي کاتن ۽ زمين تي قبضي خلاف سخت احتجاج ڪندي انصاف جو مطالبو ڪيو. انهي موقعي تي ڳوٺاڻن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جي 16 ايڪڙ ذاتي سروي زمين آهي، جنهن جا ملاح برادري جي ماڻهن ماجد شبير ملاح، محمد حسن ملاح، محمد حسين ملاح ۽ ٻين گڏجي ڪوڙا کاتا ٺهرائي، زمين تي پنهنجا هٿياربند غنڊا ويهاري ڇڏيا آهن. جڏهن ته اسان هتي ابن ڏاڏن کان رهون پيا ڪنهن سان به پاڙي ۾ ناجائزي نه ڪئي آهي. هن وقت اسان جي اچڻ وڃڻ جا رستا بند ڪيا ويا آهن. اسان جي گهرن تي چادر ۽ ڇوديواري جو تقدس پائمال ڪندي  موتمار حملا ڪري اسانجي ماڻهن کي زخمي ڪيو ويو آهي. اسان ان عمل خلاف حد جي ٿاڻي تي ڪيس پڻ داخل ڪيو آهي، جنهن مطابق پوليس هڪ جوابدار نالي شبير ملاح جيڪو اصل جوهي دادو جو آهي کيس گرفتار ڪيو ويو آهي. باقي جوابدار آزاد گهمي رهيا آهن ۽ اسانکي موتمار ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن، جن مان اسانکي جان جو خطرو آهي. ڳوٺاڻن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد، ايس ايس پي ٺٽو کان پرزور مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته ڪوڙا کاتا ختم ڪري، صحافت جي آڙ ۾ علائقي ۾ خونريزي ڪرائيندڙ ماجد شبير ملاح سميت آزاد گهمندڙ جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري، اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ اسان جي جانين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.