ن ليگ سنڌ جي اڳواڻن ۾ ڏار پئجي ويا

ميرپورخاص (بيورورپورٽ)پاڪستان مسلم ليگ ن سنڌ جي اڳواڻن ۾ اختلاف چوٽ چڙهي ويا آهن مسلم ليگ ن سنڌ جي صدر پاران ميرپورخاص ڊويزن جي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري جي اعلان کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندي مقرر ڪيل اڳواڻن کي غيرقانوني ۽ پارٽي جي آئين جي خلاف ورزي قرار ڏنو آهي. صوبائي صدر شاه محمد شاه پاران قربانيون ڏيندڙ ڪارڪنن کي نظر انداز ڪرڻ خلاف پارٽي جي ڪارڪنن جو مشاورتي اجلاس ميرپورخاص ۾ طلب ڪيو ويو اجلاس کي خطاب ڪندي مسلم ليگ ن سنڌ جي جوائنٽ سيڪريٽري چوڌري سجاد احمد چيو ته پاڪستان مسلم ليگ جي ڪارڪنن جو نعرو نواز شريف زنده آباد آهي جڏهن ته پوري زندگي اسٽيبلشمنٽ جي ايجنڊي تي ڪم ڪندڙ شاه محمد شاه جو ٽارگيٽ نواز شريف جو نعرو هڻندڙ ڪارڪن آهن، نواز شريف جي جدوجھد ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ آهي جنهن لاءِ بيشمار قربانيون ڏنيو پيون وڃن جنهن جون سلسلو هن وقت تائين جاري آهي اهڙي صورتحال ۾ پارٽي اندر ڪوبه غيرقانوني ۽ پارٽي جي آئين جي خلاف ويندڙ ڪنهن به فيصلي کي قبول نه ٿو ڪري سگھجي.، صوبائي صدر تازو پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ کي ميرپورخاص ڊويزن جو صدر ۽ ڪراچي جي پرائمري اسڪول ٽيچر کي ميرپورخاص ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي جنهن کي مسلم ليگ ن جا ڪارڪن غيرائيني قدم سمجھندي انهن مقررين کي رد ڪيون ٿا ۽ انهن حڪمن خلاف جمهوري طرز تي جدوجھد ڪئي ويندي. اجلاس کي خطاب ڪندي صوبائي اڳواڻ آصف معراج راجپوت چيو ته مسلم ليگ ن لاءِ قربانيون ڏيندڙ پراڻن ڪارڪنن کي نواز شريف جو نعرو هڻڻ جي سزا ڏني پئي وڃي ۽ پارٽي ۾ دولي شاه جي ڪُئن کي عهده ڏنا پيا وڃن جن جي نه سياسي سوچ آهي ۽ نه وري سياسي مقصد آهي مشرف دور ۾ مسلم ليگ ن ڇڏي ڀڄي ويندڙ شاه محمد شاه ڪراچي کان ڪشمور تائين مشرف جي آمريت سان مقابلو ڪندڙ ڪارڪنن کي للڪاريو آهي جهڙي طرح مشرف جي غيرآئيني قدمن خلاف ڪارڪنن آواز اٿاريو هو انهي طريقي سان شاه محمد شاه جي غيرآئيني قدمن ۽ تعصباڻا لساني سوچ خلاف آواز اٿاريو ويندو هنن چيو ته 21 نومبر تي سنڌ جي مڙئني ضلعن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو اجلاس نوشهروفيروز ۾ رٿيو ويو آهي جنهن ۾ ن ليگ جي صوبائي صدر شاه محمد شاه جي تعصباڻا سوچ جي خلاف جدوجھد شروع ڪرڻ لاءِ فيصلا ڪيا ويندا. اجلاس ۾ ڪامريڊ اشريف خان، عبدالرحيم خان، ظفر بلوچ، چوڌري مظفر، عامر عزيز، امينا سليم، ثمينا آرائين، سعيد بيگ، ڀورمل سميت مختلف تعلقن جي صدرن جنرل سيڪريٽرين ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.