ڀان سيد آباد ٽائون ڪميٽي ملازمن کي پگهار نه ملي، احتجاج

ڀان سيدآباد ( ن ع آ  ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چونڊ تڪ  ڀان سيدآباد ٽائون ڪاميٽي انتظاميه پاران صفائي واري عملي کي پگهارون جاري نه ڪرڻ سبب صفائي واري عملي احتجاجن ڪم ڇڏ هڙتال شروع ڪري ڇڏي آهي جنهن جي ڪري شهر ۾ روزانو بنيادن تي ٿيندڙ صفائي وارو عمل رڪجي ويو آهي، صفائي نه ٿيڻ سبب شهر جي مين روڊ، دعا چونڪ، اسپتال روڊ، الحبيب بئنڪ روڊ، ٽائون روڊ، اسٽيشن روڊ، سخي سيد سليمان شاه ڪالوني، مهراڻ ڪالوني سميت ٻين علائقن ۾ نالين جو گندو پاڻي روڊن تي بيهجي ويو آهي. جڏنهن ته سڄي شهر ۾ مٽي جا ڍير هجڻ سبب شهر مٽي جي دوڙ ۾ تبديل ٿي ويو آهي پر ضلعي توڙي ٽائون انتظاميه خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي، ان سلسلي ۾ شهرين عاشق مينگل، توفيق بروهي، شهزاد جمالي فدا حسين بروهي احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب ڀان اڳيان ڌرڻو هڻي ٽائون انتظاميا ۽ ڊي سي ڄامشورو خلاف سخت نعريبازي ڪيو ، ان موقعي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اي سي سيوهڻ عبدالرحيم قريشي ٽائون ڪاميٽي جي ايڊمنسٽريٽر چارج سنڀالڻ کانپوءِ ٻن مهينن ۾ شهر جو هڪ دفعو به دورو ناهي ڪيو، شهر ۾ ڊرينيج سسٽم تباهه ٿي ويو آهي، صفائي نه ٿيڻ سبب سموري شهر جا روڊ، رستا ۽ پاڙن جون گهٽيون گندگي جي ور چڙهي ويون آهن ڊي سي ڄامشور ۽ اي سي سيوهڻ کي فوري طور هٽايو وڃي.

ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪري سي ايم هائوس واهڙ اڳيان ڌرڻو هڻي بک هڙتال ڪئمپ قائم ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.