اسلام ڪوٽ ۾ بيروزگار جي ٻارن سميت بک هڙتال

مٺي(بيوروچيف) اسلام ڪوٽ شهر جي فقير پاڙي جي رهواسي بيروزگار نوجوان مشتاق فقير نوڪري ۽ روزگار نه ملڻ خلاف معصوم ٻارڙن سميت ڪالھ 23 هين ڏينهن به پريس ڪلب آڏو قائم ڪيل ڪئمپ تي بک هڙتال جاري رکي،جنهن جي ڪنهن به سار ناهي لڌي جنهن سبب سندس گهر ۾ فاڪاڪشي واري صورتحال آهي،اُنهي موقعي تي احتجاج ڪندي مشتاق فقير چيو ته پڙهيل لکيل ۽ معذور بيروزگار آهيان،23 ڏينهن کان معصوم ٻچن ساڻ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيان پيو پر ڪنهن کي به ڪو احساس نه پيو ٿئي،آئون غريب پورهيت آهيان،هڪ پٽيوالي جي نوڪري ٿو گهران ٻيو ڪجھ به نه ٿو گُهران،ٿر ۾ ڪوئلو نڪتو آهي،اسان سوچيو خوشحالي ايندي،پر اسان روزگار لاءِ دربدر آهيون،پ پ حڪومت غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي سار نه پئي لهي،مسڪينن جو الله کانسواءِ هتي ڪير به ناهي،منهنجي گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجھ به ناهي،مسڪين غريب ۽ مستحق آهيان،منهنجي مدد سان گڏ نوڪري ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.