دڙي ۾ جشن عيد ميلادالنبيﷺ ۽ يارهين شريف جو عظيم عاليشان جلسو

دڙو (ن ع آ) دڙو  جي شاھي بازار واري گرائونڊ تي جماعت اھلسنت پاران صحافي حبيب الله ماما عمر ميمڻ، امان الله ميمڻ ۽ سميع الله ميمڻ طرفان محفل عيد ميلاد النبيﷺ ۽ يارھين شريف جو عظيم عاليشان بين الصوبائي ديني جلسو منعقد ڪيو ويو۔ جنھن ۾ دڙو، ٻنون ۽ ڀرپاسي جي ھزارين عاشق رسول ﷺ شرڪت ڪئي۔ جڏھن ته سنڌ جي مشھور عالم دين علامه محمد عالم جت نعيمي۔ مولانا محمد حنيف عباسي۔ محمد رفيق طاھري، مولانا محمد سليمان مينڌرو نقشبندي، محمد شعيب طاھري، حافظ متيع الله قريشي ۽ ٻين عالمن سميت نعت خوانن طرفان خاتم النبيﷺ جو شان بيان ڪيو۔ سينير پ پ ليڊر سابق ايم اين اي ارباب وزير احمد ميمڻ ۽ پاڳاري سيد حاجي مڪي شاھ شيرازي خصوصي مھمان طور شرڪت ڪئي.

جسقپ اڳواڻ جي والده جي لاڏاڻي تي قومپرست اڳواڻن جي تعزيت

گلشن اقبال  )ن ع آ) جسقپ مرڪزي اڳواڻ دودي ديشي جي والده ۽ سوڀ قمر ڀٽي جي چاچي جي لاڏاڻي تي مختلف سياسي،سماجي اڳواڻن رياض چانڊيي،صنعان قريشي،زين شاهه،غلام قمبر حاجاڻو،شفقت نوناري،عنايت کٽياڻ،وهاب سومرو،ارشد عباسي،،ڊاڪٽر شير مهراڻي،منصور چانڊيي،مصطفي چانڊيي ۽ ٻين دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته الله پاڪ مرحومه جي مغفرت فرمائي ۽ وارثن کي صبر جي توفيق عطا ڪري.

ڪراچي ۾ پ پ يوٿ ونگ اڳواڻ کي ضمانت ملڻ تي مبارڪون

گلشن اقبال  (ن ع آ ) پيپلز پارٽي سنڌ ڪائونسل جي ميمبر تاج محمد وساڻ ، پيپلز پارٽي اڳواڻ محمد حنيف سومرو ، علي احمد ناريجو ،  غلام شبير ناريجو ، غلام شبير ناريجو پ پ يوٿ اڳواڻ راشد خاصخيلي کي نئب ڪئيس ۾  ضمانت تي  آزاد ٿيڻ کانپوء  آفيس ۾ ساڻس ملي مبارڪباد ڏني ، تاج محمد وسان ، محمد حنيف سومرو چيو جيل جون سختيون اسان  کي منزل تان هٽائي نه ٿيون سگهي اسان راشد خاصخيلي کي آزاد ٿيڻ تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا ، هو پارٽي  جو سچو اڳواڻ آهي .علي احمد ناريجو ۽ غلام شبير ناريجو چيو ته سليڪٽيڊ حڪمرانن هڪ ڀيرو ٻيهر گلگت بلتستان ۾ ڌانڌلي ڪري  جمهوريت کي ڪمزور ڪيو آهي جنهن جي مذمت ڪجي ٿي. راشد خاصخيلي هڪ سال جيل ۾ رهي ڪري ثابت ڪيو آهي ته هو ڀٽو جو سچو سپاهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.