تلهار ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ خلاف چوٿين ڏينهن به بک هڙتال

تلھار ( رپورٽ : عاجز انور لاشاري ) تلھار ۾ چوٿين ڏينھن به گئس جي لوڊ شيڊنگ ۽ گھٽ پريشر خلاف شھرين پاران بک ھڙتال جي ڪئمپ لڳائي وئي،آچر جي ڏينھن شھر ۾ شٽرڊائون ھڙتال ۽ قومي شاھراح مين حيدرآباد بدين روڊ تي ڌرڻي ھڻڻ جو انتظيا کي چتاءُ ڏئي ڇڏيو، بک ھڙتال جي ڪئمپ تي پ پ تعلقي تلھار صدر نياز محمد لاشاري، پ پ ضلعي نائب صدر پير محفوظ شاھ قادري،پ پ سٽي صدر غلام حيدر جتوئي، امير حيدر خواجه پ پ شھيد ڀٽو اڳواڻ مصطفي گاڏاھي،پراڻو ڪامريڊ ڪوثر ذيدي،پ پ عورت اڳواڻ فرزانه جتوئي ۽ علمي ادبي اڳواڻ ناصر بلوچ اسڪولي ٻارڙن سان گڏ پھتو جتي اڳواڻن عوامي پريس ڪلب تلھار جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته تلھار ۾ ڪڏھن بجلي جي بي رحمانا لوڊ شيڊنگ جو آزار رھيو آھي ته ڪڏھن ٻيا مسئلا پر ھاڻي مسلسل ٽن مھينن کان گئس جي بدترين لوڊ شيڊنگ ۽ گھٽ پريشر سبب سخت پريشانين کي منھن ڏيئڻو پوي ٿو،  اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته معصوم ٻارڙا اسڪول ۾ بکيو پيٽ پڙھڻ لاءِ سويل ھليا ويندا اسان چوٿين ڏينھن کان احتجاج جاري رکيو آھي، پر سوئي سدرن گئس عملدارن ڪوئي نوٽس ناھي ورتو نه ئي گئس جي لوڊ شيڊنگ کي ختم ڪرايو ويو آھي آچر جي ڏينھن تاريخي ڌھرڻو ھڻي سوئي سدرن گئس انتظاميه جي نااھلي خلاف سخت احتجاج رڪارڊ ڪرائينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.