ڪشميري مهاجر ووٽ جي داخلا لاءِ رابطو ڪن:اليڪشن ڪمشن آفيس ٽنڊو محمد خان

ٽنڊومحمدخان ( ڊ ر ) اليڪشن ڪميشن آزاد جمون ڪشمير پاران عام چونڊن جي حوالي سان ووٽر لسٽن جي نئين سر ترتيب جو عمل شروع ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان 16نمبر 2020 کان 15 ڊسمبر 2020 تائين پنهنجي قيمتي ووٽ جي داخلا ڪرائي سگهجي ٿي ته جيئن ايندڙ عام چونڊن ۾ پنهنجي ووٽ جو بنيادي حق حاصل ڪري سگهن. ضلعي اليڪشن ڪمشنر آفيس ٽنڊو محمد خان مطابق پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ رهندڙ ڪشميري مهاجرين جن جو اصل تعلق وادي جمون ڪشمير سان آهي اهي ضلعي اليڪشن ڪمشنر آفيس ٽنڊو ۾همد خان ۾ پنهنجي ووٽ جي داخلا لاءِ رابطو ڪري سگهن ٿا. جاري ڪيل بيان مطابق آزاد جمون ڪشمير جي 2016 وارين گذريل عام چونڊن دوران ضلعي ٽنڊو محمد خان جي يو سي شيخ ڀرڪيو ۾ موجود ڪشميري مهاجرين پنهنجا ووٽ پڻ ڪاسٽ ڪيا هئا. ڪشميري مهاجرين جي رهنمائي لاءِ ضلعي اليڪشن ڪمشنر آفيس ۾ هيلپ ڊيسڪ قائم ڪئي وئي ته جيئن ڪشميري مهاجرين ان حوالي سان ضلعي اليڪشن ڪمشنر جي آفيس ۾ ذاتي طور رابطو پڻ قائم ڪري سگهن ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.