جهنڊي مري تعلقي ۾ سهولتن جي کوٽ، ماڻهو مصيبتن جو شڪار

عثمان شاهه هڙي ( ن ع آ) ضلعي ٽنڊوالهيار جي تعلقو جهنڊومري جو غريب مسڪين پورهيت عوام وڌندڙ مهانگائي ۽ بي روزگاري جي چڪي ۾ پيسيجي جياپي جي جنگ وڙهي رهيو آهي .هن علائقي ۾ ماضي کان وٺي هن وقت تائين چونڊيل نمائيندن سميت ضلعي انتظاميه ٽنڊوالهيار جي ڪيل واعدن يقين دهانين تي زندهه رهندڙ هتان جو عوام انتهائي ڏکي صورتحال کي منهن ڏيئي رهيو آهي بدقسمتي جو هن تعلقي ۾ ڪابه فيڪيٽري نه آهي ۽ نه  ڪو ڪارخانو ءِ نه ئي وري ڪي روزگار جا جوڳا ذريعا هتي جو عوام صرف زمينن تي پورهيو ۽ مزدوري ڪري پنهنجي گهرن کي هلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ليڪن ان ذريعي ۾ تعلقي جو اڪثر علائقو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيئي رهيو آهي هتي ڪابه اناج منڊي به نه آهي ساڳئي وقت ڏهاڙي جي مزدوري به محدود حد تائين آهي جيڪا هر ماڻهو کي نه ٿي ملي حالت آهي ته هڪ ڏينهن مزدوري ملي ٿي ته چار ڏينهن نه ٿي ملي علائقي جو ٻيو اهم مسئلو جر جو  پيئڻ وارو پاڻي کارو، ان ۾ (سنکيو )مليل آهي جنهن کي نه پيءُ سگهجي ٿو نه ئي وري آبادي ڪري سگهجي ٿي. علائقي ۾ صحت جي حوالي سان ڪي به جوڳا انتظام نه آهن ڇو ته ويجهڙائي ۾ ڪابه اهڙي اسپتال نه آهي جتي ماڻهن جو مڪمل علاج ٿي سگهي. تعلقي جهنڊو مري ۾ ست يونين ڪائونسلون هڪ ٽائون ڪميٽي پيارو لنڊ آهي جن وٽ محدود وسيلا هئڻ ڪري علائقي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا وڏي ترقي نظر نه تي اچي هتي جا لنڪ روڊ پڻ وڏي تباهي جو شڪار آهن. هتان جي ساڃاهه وند ڌرين وزيراعليٰ سنڌ ،ضلعي تنڊو الهيار جي چونڊيل نمايئندن  اعليٰ اختيارين جو توجهه ڇڪائيندي گهر ڪئي ته تعلقي جهنڊي مري کي مثالي تعلقو بنائڻ سان گڏو گڏ تعلقي اندر فيڪٽريون ڪارخانا، اناج ۽ سبزي منڊيون ۽ هڪ وڏي سرڪاري اسپتال قائم ڪري علائقي جي عوام کي گهربل سهولتون فراهم ڪري جيئڻ جو حق ڏنو وڃي  .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.