سجاول ۾ شهري جو سول اسپتال عملي خلاف احتجاج

سجاول (ڊ ر) سجاول جي وارڊ نمبر هڪ جي رھواسي الهجڙيو ملاح پريس ڪلب سجاول ۾ صحافين اڳيان احتجاج ڪندي ڄاڻايو آهي ته ڏيڍ مھينو اڳ آئون پنهنجي  ڳورھاري زال عائشه کي سول اسپتال سجاول ۾ چيڪ اپ لاءِ وٺي ويو ھئس ان وقت رات جو گائني وارڊ ۾ ڊاڪٽرياڻيون ڊيوٽي تي موجود نه ھيون ڊيوٽي تي موجود داعي ان کي چيڪ اپ ڪرڻ بدران ويم جي انجيڪشن لڳائي جنهنڪري ھوءَ تڙپي فوت ٿي وئي ھئي جنهن بعد مون گائني وارڊ عملي خلاف ڊي سي سجاول ۽ ڊي ايڇ او ۽ پوليس کي لکت ۾ شڪايت ڪئي هئي جنهن تي ڊي ايڇ او سول سرجن کي ليٽر لکي ڪميٽي جوڙي انڪوائري ڪري رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڪيو هو پر واقعي کي ڏيڍ مهينو گذري وڃڻ باوجود اڃان تائين نه انڪوائري رپورٽ آئي آھي ۽ نه ئي انصاف ٿيو آھي ھن الزام ھڻندي چيو ته انڪوائري ٽيم ملوث عملي  کي بچائي منهنجي زال جو خون  ٻوڙڻ چاھي ٿي، هن چيو ته معاملي جي جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجن کي جاري رکيو ويندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.