ٽنڊو باگو روڊ جي مرمت نه ٿي، سوين ماڻهن جو مظاهرو

ٽنڊوباگو ( ت ر ) ڊگهڙي، ٽنڊوباگو ۽ ڏيئي روڊ جي بحالي لاءِ  مختلف ڳوٺن جي سوين ماڻهن پاران چروو سم اسٽاپ تي  احتجاجي ريلي ڪڍي مين روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو جتي ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن مهراڻ درس، يوسف رستماڻي، لطيف جروار، مرتضيٰ شام، مرتضيٰ جمالي علي محمد جمالي ظفر جروار خطاب ڪندي چيو ته ڏيئي ڊگهڙي ۽ ٽنڊو باگو روڊ گذريل 30 سالن کان مرمت ناهي ٿيو ۽ انهي دوران 3 دفعا سنڌ سرڪار طرفان ٽينڊر منظور ڪيا ويا آهن، پر اهي پئسا ڪرپشن جي ور چڙهي ويا ۽ ڪاغذن ۾ روڊ جي مرمت ڏيکاري وئي آهي، هن روڊ جي نه ٺھڻ سبب هي علائقو ويران ۽ ڀڙڀانگ ٿي ويو آهي، جنهن ڪري هتي بيروزگاري ۽ بدحالي وڌي وئي آهي ٻي پاسي مريضن ۽ خاص ڪري ڊليوري وارين عورتن ۽ ايمرجنسي جهڙن مريضن کي ڪنهن شهر پهچائڻ ۾ شديد مشڪلاتون درپيش اچن ٿيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.