ٻلهڙيجي واسڻ بيواهه عورت درد جو داستان بڻيل

ڏوڪري (رپورٽ : قاضي آفتاب ) ڏوڪري ڀرسان ٻلھڙيجي واسڻ عورت راڄ مائي ملاح مڪمل طور درد جو داستان بڻجي وئي آهي سندس پهرين شادي ٻلهڙيجي واسي اڪبر ملاح سان ٿي جيڪو 1996 ۾ ڪراچي ۾ سمنڊ ۾ مڇي مارڻ دوران ويو ته اڄ تائين واپس نه وريو آهي جنهن جي اڄ تائين ڪا خبر چار نه پئجي سگهي آهي اڪبر ملاح جي گمشدگي کان پوءِ 10 سال انتظار ڪرڻ کان پوءِ راڄ مائي جي سندس سوٽ اقبال ملاح سان شادي ڪرائي وئي جيڪو 2  سال اڳ هيپاٽائيٽس وگهي فوت ٿي ويو جيڪو باڊھ ميونسپل جو ملازم هو جڏهن ته بيواه عورت جو 10 ورهين جو پٽ مشتاق علي به ڪجهه ڏينھن اڳ گڙدن جي بيماري سبب لاڏاڻو ڪري ويو جڏهن ته عورت جو ٻيو پٽ 7 ورهين جو پٽ سيف علي  ڳالھائڻ ٻولهائڻ جي سگهه کان محروم بڻيل آهي. بيواه عورت کي باڊھ ٽائون انتظاميا رلائي ڇڏيو بيواه عورت مسمات راڄ مائي زال اقبال ملاح باڊھ ٽائون ڪميٽي انتظاميا خلاف احتجاج ڪندي مڙس جي پينشن ۽ ٻيون رهتون ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي ان ڏس ۾ مسمات راڄ مائي پنهنجي والد علي بخش ملاح سان گڏ ميڊيا جي نمائندن آڏو دانهيندي ٻڌايو ته سندس مڙس اقبال ملاح باڊھ ٽائون ڪميٽي جو ملازم هو جيڪو هيپاٽائيٽس سبب 2 سال اڳ گذاري ويو آهي پر هيترو عرصو گذري وڃڻ باوجود هن وقت تائين ٽائون انتظاميا مڙس جي پينشن ۽ ٻيون رهتون نه ڏئي سگهي آهي اسان کي بنا جواز رلايو پيو وڃي. بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون اسان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، مڪاني ادارن جي صوبائي وزير، مڪاني ادارن سيڪريٽري، ڊي سي لاڙڪاڻو ۽ ٻين اختيارين کي اپيل ٿا ڪيون ته بنا دير نوٽيس وٺي مونکي منھنجي مڙس جو حق ڏياريو وڃي ٻي صورت ۾ مان پاڻ کي باھ ڏئي پاڻ ساڙي ڇڏينديس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.