شهيد راڻي جو خواب هو ته تعليم ۽ صحت معياري هجي: ڊاڪٽر امانت جلباڻي

سڪرنڊ ( ن ع آ ) شهيد راڻيءَ جو خواب هو ته سنڌ سميت پورو ملڪ تعليم ۽ صحت جي حوالي سان هر سهولت هجڻ سميت معياري هئڻ گهرجي ڇاڪاڻ جو ٻئي شعبه انساني زندگيءَ لاءِ اهم آهن اها ڳالھه SZABIST جي بانيڪار وائيس چانسلر آف شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي هن چيو ته محترمه جو خواب هو ته اهڙو ڪري وڃان جو تاريخ شاهد بڻجي پوي جنهن لاءِ هن گهارو ۾ چار هزار ايڪڙ زمين خريد ڪئي، جنهن ۾ محترمه جو جامعه پلان هو ته هتي انٽرنيشنل سطح جو تعليمي ادارو ۽ اسپتال جوڙائيندي اسپتال آغا خان کان وڌيڪ بهتر هوندي جنهن لاءِ سندن مونتي اعتماد هوندو هو ۽ مون کي فخر به آهي ڊاڪٽر امانت اهو به ٻڌايو ته ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنلاجي ( SZABIST) به منهنجي ۽ شهيد راڻي جي گڏيل راءِ سان قائم ڪيل آهي. جنهنجي مختلف شهرن ۾ برانچز پڻ آهن هن ٻڌايو ته محترمه مونتي بار رکيو ته سندس خواهش آهي ته دبئي ۾ ذيبسٽ جي برانچ هئڻ گهرجي ڇاڪاڻ جو اتي ڪوبه پاڪستاني تعليمي ادارو ناهي محترمه جو چوڻ هو ته ڪم ڏکيو ضرور آهي پر مون کي پڪ آهي ته ڊاڪٽر امانت جلباڻي اهو ڪم ڪري سگهي ٿو الحمدلله دبئي ۾ ذيبسٽ شروع ٿي ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.