مانجهند ۾ محفل ميلاد تقريب، گستاخ خاڪا ٺاهڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت

مانجهند ( ن ع آ ) مانجهند ڀرسان لاکڙا ڪول  فيلڊ  جي انڊس ڪوئلا  ڪمپنيءَ جي جامع مسجد ۾ فرانس ۾ حضرت محمد صلي اللّه عليه واله وسلم جي شان ۾ گستاخيءِ خلاف ناموس نبوت جي سلسلي ۾  محفل ميلاد جي تقريب ٿي گذري تقريب ۾ نامياري عالم دين پروفيسر محمد اعجاز ملڪ خطاب ۽ مشهور نعت خوان محمد شاهد مقبول قادري،  شعيب نذير قادري. نويد مقبول قادري، محّمد شاهد روشن حمد ۽ نعت رسول پيش ڪيون ته مسجد ۾ لبيڪ يارسول اللّه مرحبا جي نعرن سان گونجي اٿي،ان موقعي تي نامياري عالم دين پروفيسر محمد اعجاز ملڪ، مقبول ميانوالي حافظ امتياز ميمڻ ۽ ٻين پاران فرانس صدر پاران رسول صلي اللّه عليه والله وسلم جن شان ۾ ڪيل گستاخي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.