باقراڻي واسڻ ڏاڍائي جو شڪار نينگري جي وارثن کي ڌمڪيون، لاڙڪاڻي ۾احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ يار محمد کوکر ۾ 3 مهينا اڳ جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻيل 12 ورهين جي نينگري ڪونج کوکر پنهنجي والدين ۽ ڀاءُ سان گڏجي باقراڻي پوليس ۽ ڪيس ۾ نامزد جوابدارن طرفان ملندڙ ڌمڪين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڪونج کوکر پنهنجي پيرسن پيءُ مينهل کوکر، امڙ نسيم خاتون ۽ ڀاءُ قربان علي کوکر سان گڏجي دانهيو ته آءُ ڳوٺ ۾ مائٽن جي گهرن جو ڪم ڪندي آهيان، گذريل 10 آگسٽ شام کان بعد آءُ ڪم ڪاري ختم ڪري جيئن گهر پئي ويس ته رستي ۾ جاني کوکر ۽ ان جي ڀاءُ جميل کوکر مون کي زبردستي اغوا ڪري ڳوٺ جي پرائمري اسڪول اڳيان مٽي جي دڙي تي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويا اهڙي واقعي جو ڪيس حد جي باقراڻي ٿاڻي تي جاني ۽ جميل کوکر ۽ مٿان داخل ڪرايو ان بعد جوابدار منهنجي ڀاءُ قربان کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اهڙو ڪيس پڻ حد جي باقراڻي ٿاڻي تي داخل ٿيو جنهن تي پوليس جوابدارن جي پوليس اهلڪار ڀاءُ سهيل کوکر کي به گرفتار ڪيو. هن الزام لڳايو ته ڊي ايس پي باقراڻي خليل مسڻ جوابدار ڌر کان ڳري رشوت وٺي ڀاءُ جي اغوا ڪيس ۾ ملوث پوليس اهلڪار سهيل کوکر کي آزاد ڪري ڇڏيو جنهن ٻين پوليس اهلڪارن سان گڏجي ڪالهه گهر ۾ اچي فائرنگ ڪري ڪيسن تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏنيون جن مان مون سميت گهر ڀاتين کي جان جو خطرو آهي هن آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود احمد بنگش سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او باقراڻي سميت پوليس اهلڪار سهيل کوکر خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.