ٺٽي ۽ سجاول جا سوين مھاڻا سالن کان ڀارت ۾ قيد، وارث پيارن جي اوسيئڙي ۾ ويٺل

ٺٽو (رپورٽ: منصور جلالاڻي) اڄ مھاڻن جو عالمي ڏينھن، لکين مھاڻا انساني بنيادي سھولتن کان محروم بڻيل، ٺٽي ۽ سجاول جا سوين مھاڻا سالن کان ڀارت جي جيلن ۾ قيد، وارث پيارن جي اوسيئڙي ۾ ويٺل، آزادي لاءِ ھلايل احتجاجي تحريڪن به حڪومتي اختيارين تي ڪو اثر نه ڇڏيو، مھاڻن جي گھرن ۾ ڪھرام متل. سڄي دنيا سميت پاڪستان ۾ به اڄ مھاڻن جو عالمي ملھايو پيو وڃي. جڏھن ته سنڌ جي سامونڊي سان تعلق رکندڙ ضلعن ٺٽو، سجاول ۽ بدين جا سوين مھاڻا سالن کان بيگناھ ڀارت جي جيلن ۾ قيد ڪاٽي رھيا آھن پر گرفتار مھاڻن جي آزادي لاءِ حڪومتي سطح تي ڪو به تحرڪ نه ورتو ويو آھي، جنھن ڪري ڪيترائي مھاڻا ڀارت جي جيلن ۾ پنھنجون زندگيون وڃائي چڪا آھن ۽ ڪيترائي مھاڻا بغير ڪنھن ڏوھ جي سالن کان عقوبتون برداشت ڪري رھيا آھن، روزگار سانگي اونھي سمنڊ مڇي ماريندڙ مھاڻا سمنڊ ۾ حدون نه ھجڻ ڪري غلطي سان ڀارت جي سمنڊ جي حدن ۾ داخل ٿي وڃن ٿا، جتان کان ڀارتي نيوي فوجي گرفتار ڪري ڀارت جي مختلف جيلن ۾ واڙيو ڇڏين. جڏھن ته ڀارت ۾ قيد مھاڻن جا وارث سندن راھون تڪي رھيا آھن ۽ سندن اکيون ھر وقت گھرن جي درن ڏانھن ھونديون آھن ته ڪنھن وقت ٿا سندن پيارا ڀارت جي جيلن مان آزاد گھر ٿا پھچن، ڀارت ۾ قيد ڪاٽيندڙن جي آزادي لاءِ مختلف وقتن تي وارث ۽ ماھيگير تنظيمون احتجاج ڪنديون رھيون آھن پر واڳ ڌڻين سندن ڪا به واھر نه ڪئي آھي ۽ نه ئي وري ڪا مالي سھائتا ڪئي آھي. جڏھن ته سنڌ جا لکين مھاڻا ھِن ترقي يافته دور ۾ به انساني زندگي لاءِ اھم قرار ڏنل بنيادي سھولتون به کين نه ملي سگھيون آھن،ھِن جديد دور ۾ مھاڻن جا ٻار تعليم جي سھولت کان محروم بڻيل آھن ۽ نه ئي وري مھاڻن کي روزگار جون سھولتون مھيا ٿي سگھيون آھن. جڏھن ته سندن روزگار جي وسيلن تي پڻ قبضا ڪري معاشي استحصال ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.