جوهي ميونسپل ملازمن طرفان ڳچي ۾ماني ٻڌي بک هڙتال، پاڻ ساڙڻ جو اعلان

جوهي ( ن ع آ ) ميونسپل ملازمن پاران پگهار نه ملڻ  تي انوکو احتجاج ڪندي ڳچي ۾ ماني وجهي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي علامتي بک هڙتال ڪئي  سومر تائين پگهار نه ملڻ جي صورت ۾ ٽن ملازمن پاران پاڻ ساڙڻ ۽ ٻار وڪرو ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو ويو آهي،  ان سلسلي ۾ بخاري ورڪرز  يونين جي سڏ تي سوين ملازمن ميونسپل آفيس آڏو خميسو جمالي، شمس الدين پنهور، اشرف جمالي ۽ عرس جمالي گل محمد شيخ ، سومر شيخ  ٻين جي اڳواڻي ۾ انوکو احتجاج ڪندي ڳچي ۾ ماني وجهي روز جي معمول جيان پنجين ڏينهن تي به مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال جاري رکي، ان موقعي تي ميڊيا اڳيان  دانهيو آهي ته 20 ڏينهن ٿيا آهن مگر ميونسپل ملازمن کي ماهوار پگهار ناهي ملي جنهن ڪري ٻچڙا فاقه ڪشي ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ڇاڪاڻ ته دوڪاندارن اوڌر ڏيڻ بند ڪري ڇڏي آهي ملازمن موجب اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر نه ٿيڻ سندن پگهار رولڙي جو شڪار آهي ان موقعي تي ٽن ملازمن تنوير سولنگي اڪبر ٿهيم ۽ گُل محمد شيخ پاران سومر تائين پگهار نه ملڻ جي صورت ۾ پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ ڏنو ويو آهي جڏهن ته ملازمن پاران اڱاري ڏهاڙي ٻار وڪرو ڪرڻ جا هوڪا ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.