ڪڙيو گهنور ۾ عوامي تحريڪ جو مسئلن جي حل لاءِ مظاهرو

تلھار ( ن ع آ )ڪڙيو گھنور اسپتال کي ايمبولينس نه ملڻ ۽  ڪاليج جو تعميراتي ڪم مڪمل نه ٿيڻ خلاف تلھار ۾ گئس جي لوڊ شيڊنگ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ڪارڪن جو مارچ، قومي عوامي تحريڪ جي تعلقي اڳواڻ اعجاز احمداڻي جي اڳواڻي ۾ بڙ چوڪ کان فاروق اعظم چوڪ تائين پيادل مارچ، ان سلسلي ۾ اڳواڻن جو چوڻ ھو ته ڪڙيو گھنور اسپتال ۾ ايمبولينس جي ڪائي سھولت ناھي، جڏھن ته اتي جا مسڪين ماڻھو علاج لاءِ دربدر ٿي تڙپي تڙپي مرڻ تي مجبور ٿيو پون، جڏھن ته ڪڙيو گھنور ڪاليج جو تعميراتي ڪم به رولڙي جو شڪار ٿي ويو آھي، تلھار ۾ گئس لوڊ شيڊنگ سميت ٻين به ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار آھي، احتجاجي ريلي ۾ مير لکي جمالي،امجد لغاري،ھاشم سمون ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود ھئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.