الخدمت فائونڊيشن ۽ زلمي فائونڊيشن ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون

لاهور ( پ ر ) الخدمت فائونڊيشن پاڪستان ۽ زلمي فائونڊيشن جي وچ ۾ هڪ مفاهمتي يادداشت نامي تي صحيحون ڪيون ويون، الخدمت فائونڊيشن جي مرڪزي آفيس ۾ منقعد تقريب ۾  سيڪريٽري جنرل الخدمت فائونڊيشن شاهد اقبال  ۽ چيف روينيو آفيسر زلمي فائونڊيشن  ڊاڪٽر سڊرڪ ايمل يادداشت جي دستاويزن تي صحيحون ڪيون ان موقعي تي شاهد اقبال چيو ته زلمي جهڙي طرح راندين جي ميدان ۾ جيڪي رجحان متعارف ڪرايا آهن  اميد آهي ته سوشل ويلفيئر جي ميدان ۾ نئين دنيا کڻي ايندي. الخدمت فائونڊيشن آءِ ٽي،تعليم،صحت ۽ ٻين شعبن ۾ ملي ڪم ڪندي رهندي ڊاڪٽر سڊرڪ   ايمل چيو ته هن يادداشت نامي سان ڊجيٽل پاڪستان جي خواب کي حقيقت جو روپ ڏيڻ جي راهه هموار ٿيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.