حيدرآباد واسي قومپرستن کي ووٽ ڇو نٿا ڏين؟ جلال شاهه

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران شهيد ڊاڪٽر انور لغاري جي پنجين ورسي جي موقعي تي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ تقريب منعقد  ڪئي وئي، جنهن ۾ مختلف قومپرست جماعتن جي اڳواڻن، قومي ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه خطاب ڪندي چيو ته شهيد ڊاڪٽر انور لغاري جا چاهيندڙ سڄي سنڌ ۾ موجود آهن، شهيد انور لغاري غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي مدد ڪندڙ هو، هو قومپرست ورڪر هئڻ سان گڏ سماجي سرگرمين ۾ وڌي چڙهي حصو وٺندو هو. هن چيو ته قاسم آباد ۾ مڊل ڪلاس رهي ٿو ۽ چوي ٿو اسان آزاد خيال آهيون، پر پوءِ به هو پنهنجي ووٽ جو حق درست انداز ۾ ڇو نٿا ادا ڪن، قومپرست وڏي انگ ۾ اتان ووٽ ڇو نٿا کڻن، اهڙي صورتحال جي ڪري ئي ڊاڪٽر انور لغاري قاسم آباد ۾ سنڌ دوست اميدوار کي ڪامياب ڪرائڻ واري جدوجهد ۾ هوندو هو، هو بلدياتي چونڊن ۾ چونڊ مهم دوران ئي شهيد ٿي ويو. جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر جي سينيئر وائيس چيئرمين امير آزاد پنهور چيو ته شهيد انور لغاري سنڌ جي لاءِ سوچيندو هو، هو سنڌ جي قومپرست ڌرين کي هڪ هنڌ گڏ ويهارڻ جي ڪوشش ڪندو هو.لطيف لغاري چيو ته ڊاڪٽر شهيد انور لغاري جو ڪردار سدائين جي لاءِ امر رهندو، هو اسان کي سجاڳي ۽ جدوجهد جو پيغام ڏئي ويو آهي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ نور احمد ڪاتيار چيو ته ڊاڪٽر انور لغاري قومي قافلي جو متحرڪ ڪارڪن هو.تقريب ۾ قرادادون پاس ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته شهيد انور لغاري جي قتل ۾ ملوث قاتلن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي، سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي بنا دير بازياب ڪرائي سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق پاران غير آئيني ۽ غير قانوني قبضي واري ڪوشش بند ڪئي وڃي ۽ صدارتي آرڊيننس بنا دير واپس ورتو وڃي. ان موقعي تي محب آزاد لغاري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.