سيوهڻ ۾ جنسي ڏاڍائي جو شڪار ناري جي گهر تي چڙهائي، ٻه ڄڻا گرفتار

سيوهڻ ( رپورٽ: خالد ميمڻ  ) 5 مھينا اڳ دادو ضلعي جي ٿاڻي اميناڻي جي حد جي ڳوٺ سڄڻ ٻگھيو ۾ جوابدارن پاران 10 ورھين جي نينگري مومل ٻگھيو سان ڪيل جنسي ڏاڍائي ڪيس ۾ گرفتار بااثر جوابدارن جي  مائٽن پاران ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاءِ متاثر خاندان مٿان چوري جو مبينا طور ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ڏاڍائي  جو شڪار نينگري مومل ٻگھيو ۽ متاثر خاندان جي ماڻهن سيوھڻ پريس ڪلب پھچي پاڪ ڪتاب کڻي ڀان پوليس جي ڏاڍاين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي  ڪئي ان موقعي تي صحافين آڏو دانھيندي پيرسن منٺار ٻگھيو, نينگري مومل, سندس والد غلام عباس ٻگھيو, عبدالستار, مقبول احمد ۽ عجيب ٻگھيو ته 5 مھينا اڳ ڏھ ورھين جي نياڻي مومل سان ٻن بااثر جوابدارن بلاول ٻگهيو ۽ خالد ٻگهيو منهنجي نياڻي سان زبردستي گھر ۾ داخل ٿي کيس زيادتي جو نشانو بڻايو جنهن بعد اسان دادو جي سول اسپتال مان ميڊيڪل رپورٽ ڪرائي جنهن ۾ زيادتي جي تصديق ٿي پنجن مهين کان اسان جو ڪيس سول ڪورٽ دادو جي عدالت ۾ هلندڙ آھي ۽ پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي پر بااثر ڌر ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڀان پوليس کي ڳري رقم ڏيڻ بعد  اسان تي ڪوڙو چوري جو ڪيس داخل ڪرائي اسان جي ٻن نوجوانن شاهد ۽ محبوب کي رات جي اونداهي ۾ پوليس چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪري کڻي وئي آهي، چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ ۽ انساني حقن جون تنظيمون نوٽيس وٺن نه ته متاثر نارين سميت پاڻ ساڙينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.