گڊو مان 16 ٻارن سميت 21 افغاني شهري گرفتار

گڊو (ن ع آ)گڊو پوليس ديراموڙ لڳ ڪارروائي ڪندي ڪراچي کان پشاور ويندڙ مسافر ڪوچ مان تلاشي دوران 16 ٻارن سميت 21  افغاني شهرين کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار ٿيلن ۾ شائق الله، انصار الله، سيرت الله، هدايت الله، رضوان الله ۽ ٻيا شامل آهن. گرفتار افغان شهرين وٽان 5 موبائيل فون، 20 هزار افغانستان جي ڪرنسي ۽ 70 هزار رپيا پاڪستان جي ڪرنسي برآمد ڪئي وئي، گڊو پوليس سرڪار جي فرياد تي پوليس جمعدار امام بخش جي فرياد تي 14 فارينر ايڪٽ تحت ڪيس به داخل ڪري ڇڏيو. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او گڊو منظور احمد لغاري ٻڌايو ته گرفتار افغاني شهرين مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ابتدائي جاچ موجب گرفتار افغاني شهري ڪوئيٽا کان ڪراچي جي رستي پشاور وڃي رهيا هئا. سندن ٻولي سمجھه نه اچڻ ڪري جاچ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي. سڀاڻي سڀني کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. هوڏانهن گرفتار افغاني شهرين ڪهڙي مقصد لاءِ پشاور وڃي رهيا هئا ان جي به ڪا جاچ نه ٿي سگهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.