سکر ۾15 شاگرد ڪورونا جو شڪار، ڊگري ڪاليج بند

سکر(رپورٽ:اظهر علي دايو) سکر ۾ ڪورونا وائرس جو زور نه ٽٽيو، ڊگري ڪاليج جا 15 شاگرد ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويا، شهر ۾ 40 ڪيس ظاهر،  وائرس متاثرين جو انگ 2 هزار 8 سئو 62 ٿي ويو، خبرموجب: ملڪ ۾ ڪورونا وائرس تي ضابطو ناهي اچي سگھيو،  سکر شهر ۾ سماجي مفاصلي تي عمل نه ٿيڻ سبب گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سکر جي 15 شاگردن سميت 40 ڄڻن کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق بعد سکر ضلعي ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ وڌي 2 هزار 8 سئو 62 ٿي ويو آهي. جڏهن ته ڊائريڪٽر ڪاليجز سکر ڪورونا وائرس جي خدشن سبب 15 ڏينهن لاءِ ڊگري ڪاليج کي بند ڪرڻ جو حڪم پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي. ٻي طرف اين آءِ سي وي ڊي دل جي اسپتال جي هڪ سرجن ڊاڪٽر سميت 8 ڄڻن کي ڪورونا وائرس هجڻ جي پڻ تصديق ٿي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.