احمدپور مائينر کي 10 فٽ گهارو، فصل پاڻي هيٺ

احمدپور ( ن ع آ )  احمدپور مائينر کي رات دير سان ڳوٺ کنڀڙا وٽان 10 فوٽ کان وڏيڪ گھارو پئجي ويو ،  جنھن ڪري ڪيترن ئي ايڪڙن  تي بيٺل مختلف فصل پاڻي هيٺ اچي ويا، ان ڏس ۾ آبادگارن بگن کنڀڙو، محمد بخش کنڀڙو، عرس کنڀڙو، عنايت کنڀڙو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته احمدپور مائينر جا ڪپر ڪمزور ٿي ويا آھن، جنھن ڪري ڄاڻايل هنڌ وٽان ڪيترائي ڀيرا گھارا پيا آھن، اطلاع ڏيڻ باوجود آبپاشي کاتي پاران ڌيان نه ٿو ڏنو وڃي، هنن گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.