چڪرا ڳوٺ ۾ بدامني، پوليس ننڊ پيل، چور گهر ٻهاري ويا، احتجاج

ڪورنگي ( رپورٽر ) ڪورنگي جي سنڌي وسندي چڪرا ڳوٺ ۾  بدامني چوٽ چڙهيل، چوريون روز جو معمول پوليس ننڊ پيل، خبر موجب / چڪرا ڳوٺ مان پورهيت شبير احمد چنه جي گهر ۾ چور داخل ٿي  ٽي موبائيل فون، هڪ ڊيگ، ايل  سي ڊي ۽ 10 هزار روڪ ۽ ٻيو سامان ٻهاري ويا، ان موقعي تي متاثر پورهيت شبير چنه، لطيف چنه، علي گل سومري، شاهه زيب، شهريار ۽ ٻين احتجاج ڪيو، ان موقعي تي پورهيت جي وڏي ڀاءُ لطيف چنه چيو ته ٽائون ٽائون ٿاڻي جو ايس ايڇ او ننڊ پيل آهي، منهنجي پورهيت ڀاءُ جو گهر چور ٻهاري ويا آهن، هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي ڪورنگي کان چورن خلاف ڪارروائي ۽ چوري واپس ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.