نصير آباد ۾ نصرالله اوڍاڻو جي قتل خلاف احتجاج

نصيرآباد (ن ع آ)نصيرآباد ۾ 2 ڏينھن اڳ معمولي ڳالهه تان قتل ٿي ويل اوڍاڻا برادري جي نيڪ مرد نصرالله اوڍاڻو جي قاتلن جي گرفتاري  لاءِ اوڍاڻا برادري پاران لڳايل ڌرڻي جي اوڍاڻا برادري مٿان ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آهي، نصيرآباد ٿاڻي تي سرڪار پاران اي ايس آءِ عبدالقيوم مسڻ جي فرياد تي 20 ڄڻن خلاف داخل ڪئي وئي آهي، داخل ايف آءِ آر خلاف اوڍاڻا برادري پاران منظور اوڍاڻو، عنايت الله اوڍاڻو، منٺار اوڍاڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تعلقي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته احتجاج اسان جو جمھوري حق آهي، اسان ڌرڻو رياست خلاف ناھي لڳايو، اسان مقتول نصرالله اوڍاڻو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ لڳايو ھئو، اسان خلاف داخل ايف آئي آر غير قانوني آهي، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته بنا دير داخل ڪيل ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج شروع ڪنداسين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.