موري ۾ ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ٽڪر، عورت زخمي

مورو ( ن ع آ )  موري درس بائي پاس تي ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ زوردار  ٽڪر  ٺاروشاھ واسڻ عورت وزيران سولنگي  سخت زخمي،عورت جون موقعي تي ٻئي ٽنگون ۽ ٻانھن ضايع،حادثي واري جاءِ تي درس پوليس ۽ موٽر وي پوليس ھڪ ڪلاڪ کان پوئي اچڻ بعد  به زخمي عورت کي ڏسندي رھي ،زخمي عورت جي ڪلاڪ تڙپڻ باوجود به ڪا مدد نه ڪئي،شھرين پنھنجو مدد پاڻ عورت کي سرڪاري اسپتال ۾ پھچايو جتي عورت ۾ فسٽ ايڊ ڏئي وڌيڪ علاج لاءِ نوابشاھ ڏانھن موڪلي ڇڏيو،آخري اطلاعن تائين حادثو ڪندڙ ڪار کي پوليس ۽ موٽر پوليس ھٿ نه ڪري سگھي نه ئي ڪيس داخل ڪري سگھي.

گهوٽڪي لڳ پورهيتن جي پنجن گهر کي باهه وڪوڙي وئي

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي ويجهو قادرپور لڳ ڳوٺ فريد ڪنڊراڻي ۾ پورھيتن جي پنجن گھرن کي اچانڪ باھ وڪوڙي وئي جڏھن ته دلبر ڪنڊراڻي عثمان ڪنڊراڻي دلمراد ڪنڊراڻي محمد مراد ڪنڊراڻي جا گھرن کي باھ وڪوڙي وئي ۽ اطلاع  باوجود  فائربرگيڊ عملو نه پھتو غريب پورھيتن جا پنج گھر سڙي رک ٿي ويا جڏھن متاثر کليل آسمان ھيٺ ويٺل متاثرن جو چوڻ ھو ته اوچتو باھ لڳڻ سبب پنج اسان جا گھر سڙي رک ٿي ويا خوشقسمتي سان ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو پورھيتن جو دلبر ڪنڊراڻي عثمان دلمراد محمد مراد ڪنڊراڻي جا گھرسڙي رک ٿي ويا پورھيتن جو الھه تلھه سڙي رک ٿي ويو باھ جا متاثر کلي آسمان ھيٺ ويٺل الله تعالي کي پاڏائي رهيا آهن مگر سرڪار ڪو به واهر نه ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.