شهدادڪوٽ ويجهو واٽهڙو موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) شهدادڪوٽ شهر ڀرسان باءِ پاس روڊ تي تيز رفتار موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ پنڌ ويندڙ ڳوٺ مٺا خان مستوئي واسي پيرسن سامڻو خان چانڊيو سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي سندس وارثن زخمي حالت  ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمي جي ڀائيٽي غلام حسين چانڊيو ٻڌايو ته منهنجو چاچو سامڻو خان چانڊيو ڪم سانگهي سانگهي پنڌ وڃي رهيو هو ته شهدادڪوٽ شهر ڀرسان باءِ پاس روڊ تي تيز رفتار موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي اسان کڻائي علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال داخل ڪرايو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.