بدين جي زبون حال اسڪول جي مرمت بدران بندش جو فرمان جاري

بدين (رپورٽ:رازقڏنوکوسو) بدين لڳ ٽنڊي باگي تعلقي جي ڳوٺ حاجي علي محمد کوسو جي اسڪول جي عمارت زبون ٿي وئي آهي، جنهن ڪري پڙهندڙ 200 شاگردن جون حياتيون داءُ تي لڳل آهن. بدين جي تعليمي  کاتي جي عملدارن عمارت جي مرمت بدران اسڪول جي بندش جو فرمان جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري شاگردن اسڪول اچڻ ڇڏي ڏنو ۽ هاڻ سندن تعليم متاثر ٿي رهي آهي. ٻي پاسي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڄاڻايل اسڪول جو نوٽيس وٺندي ان جي ترت مرمت جو حڪم ڏنو هو، سيشن جج بدين اسڪول جو دورو ڪري پنهنجي رپورٽ ۾ بدين تعليم کاتي کي مرمت جي سفارش ڪئي پر بدين انتظاميا ان تي عمل نه ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر بدين وٽ تيل ۽ گئس جي رائلٽي جي وڏي رقم موجود ھجڻ باوجود به سياسي ماڻھن جي مداخلت سبب سڌو سنئون اھا رقم تعيلمي ادارن کي ٺھرائڻ لاء خرچ نه ڪئي پئي وڃي، ان رقم ۾ به ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي رحم ڪرم تي تي اسڪيمون ٿيڻ سبب ڊپٽي ڪمشنر بدين خرچ ڪرڻ کان لنوائي رھيو آھي سال ۾ ڪيترا ئي دفعا ان رقم جي خرچ ڪرڻ ۽ تعيلمي درسگاھن کي ٺھرائڻ بجاء دربار ھال بدين ۾ مٽينگ ڪري خانو.پوري وارو ڪم ڪيتري وقت کان جاري آھي پر تعيلمي درسگاھن کي بند ڪرڻ جا احڪمات جاري ڪيا پيا وڃن پر انھن کي ٺھرائڻ لاء ڪابه حڪمت عملي جوڙي نه پئي وڃي. ڳوٺ جي رھواسين اختر علي کوسو . محمد صالح . احمد خان نياز حسين کوسو ۽ٻين چيو ته عدالتن حڪمن باوجود ھن تعيلمي اداري کي ٺھرائڻ بجاء بند ڪرڻ جا احڪمات جاري ڪري سوين معصوم ٻارن جي مسقبل کي داءُ تي لڳايو ويو آهي. انتظاميه اسڪول جي اڳڻ تي ھڪ ٽينٽ لڳائي ڪجهه ٻارن کي ان ويھاري ھڪ اڌ پريڊ اتي وٺن ٿا. ڳوٺاڻن اسڪول جي عمارت جي مرمت جي گهر ڪئي آهي.

ڄام نواز علي لڳ 10 شاگردن کي اسڪول نيڪالي، احتجاج

نوازعلي (ن ع آ) ڄام نوازعلي ڀرسان ڳوٺ جان محمد ڪلوئي ۾ قائم  گورنمنٽ   اقصا ماڊل اسڪول ۾ اسڪول انتظاميه  10شاگردن کي فيس ادا نه ڪرڻ تان اسڪول مان ڪڊي ڇڏيو شاگردن جي والدينن جو  غلام حيدر ڪلوئي,عطاء رحمان ڪلوئي , عيسي ڪلوئي  جي اڳواڻي ۾ سانگهڙ /ٽنڊوآدم مين روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو اڳواڻن  ٻڌايو ته اسڪول سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن  تحت هلندڙ آهي ڪرونا وبا سبب اسڪول 8 مهينا بند هئا جنهن ۾ فيس گورنمٽ معاف ڪئي  اسڪول انتظاميه زبردستي 8مينهن جي فيس اڳاڙي رهي آهي فيس نه ڏيڻ تان  ڏه کان وڌيڪ شاگردن کي اسڪول مان ڪڊي ڇڏيو آهي  اڄ ٻارن جي ٽيسٽ هئي ان ۾ به ويهڻ نه ڏنو اهو ٻارن سان ظلم آهي انتظاميه اهڙي عمل جي نوٽيس وٺي شاگردن کان زبردستي فيس وصول ڪرڻ بند ڪيو وڃي ٻئي طرف اسڪول جي هيڊ ماستر شفعي محمد بوزادر جو چوڻ آهي ته اسڪول مان ڪنهن به شاگرد کي ناهي ڪڊيو نه وري فيس ورتو ويو آهي اسڪول ۾ پرائيوٽ استاد آهن  گورنمنٽ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن تحت  انهن استادنن کي ماهوار پگهار ڏئي رهي آهي استاد ڪجه ٻڌڻ لاء تيار نه آهن جڏنهن ته اسڪول ۾ پڙهائيندڙ پرائيوٽ استاد علي حسن ڪلوئي جو چوڻ آهي ته اسان کي گورنمنٽ اڃا پڪو ناهي ڪيو ڪيڏي مهل به ڪڊي سگهي ٿي پوء اسان کي پگهار ڪير ڏيندو.

لاڙڪاڻي جي خانگي اسڪول مان فيس نه ڏيڻ تي ٻن شاگردن کي نيڪالي، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي خالق ڪالوني ۾ قائم نجي فاران پبلڪ اسڪولي جي انتظاميه طرفان ڪوورنا دوران اسڪول بند هئڻ باوجود فيس اوڳاڙي توڙي آئوٽ آف ڪورس ڪتاب خريد نه ڪرڻ تان شهر جي  گوليمار گهٽي جي رهواسي ٻن شاگردن 8 ڪلاس جي سبحان مصطفيٰ پٽ نور مصطفيٰ جسڪاڻي ۽ سندس ڀائيٽي ڪي جي ڪلاس جي شاگردياڻي طاهره بتول کي مبينا طور اسڪول مان نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي. اهڙي عمل خلاف نور مصطفيٰ جسڪاڻي پنهنجي پٽ سبحان مصطفيٰ ۽ پوٽي طاهره بتول سان گڏجي احتجاج ڪندي دانهيو ته سنڌ حڪومت طرفان ڪورونا وبا سبب لڳايل لاڪ ڊائون دوران سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن جي انتظاميه کي هدايت ڪئي هئي ته هو غريب شاگردن کان فيس نه وٺن جنهن تي اڄ ڏينهن اڃان تائين عمل ٿي نه سگهيو آهي. هن الزام لڳايو ته شهر جي خالق ڪالوني جي انتظاميه طرفان پنهنجي پٽ اٺين ڪلاس جي شاگرد سبحان مصطفيٰ ۽ ڪي جي ڪلاس جي شاگردياڻي پوٽي طاهره بتول جسڪاڻي کي اسڪول بند هئڻ  باوجود 18، 18 هزار روپيه فيس جمع ڪرڻ توڙي آئوٽ آف ڪورس ڪتاب خريد ڪرڻ جي هدايت ڪئي جيڪا فيس ادا نه ڪرڻ توڙي آئوٽ آف ڪورس ڪتاب خريد نه ڪرڻ تي اسڪول انتظاميه منهنجي پٽ ۽ پوٽي کي اسڪول مان نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي. هن سنڌ جي وڏي وزير، تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته ڪورونا وبا لاڪ ڊائون جي فيس جي اوڳاڙي ڪندڙ فاران پبلڪ اسڪول جو لائسنس رد ڪري منهنجي پٽ ۽ پوٽي جي مستقبل کي بچايو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

نصيرآباد ۾ نمسوا طرفان اسڪول جو رڪيل ڪم نه ٿيڻ خلاف احتجاج

نصيرآباد (ن ع آ) نمسوا طرفان گرلز پرائمري اسڪول جو رڪيل ڪم مڪمل نه ٿيڻ خلاف اسڪول اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. اڳواڻن  سينگار نوناري، بشير نوناري، غلام مصطفيٰ نوناري، صفي الله چنا ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته ٻن سالن کان اسڪول بند آھي جنھن جو تعميراتي ڪم گذريل 8 مھينن کان بند آھي جنھن جي ڪري معصوم ٻار علم جي زيور کان محروم آھن. ٻارن جي متبادل تعليم لاءِ اسڪول ۾ داخل ٻارن کي ٻين اسڪولن ۾ وڃڻو پوي ٿو جنھن سبب والدين سخت پريشان آھن. نمسوا اعليٰ اختيارن کان پرزور اپيل ٿي ڪري ته جلد کان جلد اسڪول جو ڪم مڪمل ڪرائي ٻارن جي مستقبل کي بچايو وڃي.

کرڙاهه ۾ سيف جي اسڪول ۾ ڪورونا ٽيسٽ ڪئي وئي

کرڙاھ  ( ن ع آ ) کرڙاهه ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سهڪار سان هلندڙ آڪسفورڊ پبلڪ اسڪول جي پنجاھ کان  وڌيڪ شاگردن، استادن ۽ اسٽاف جي عملي جي ڪورونا ٽيسٽ ورتي وئي، ان موقعي تي ٽيم جي انچارج ڊاڪٽر عبدالباسط ڦل چيو ته ٻن يا ٽن ڏينهن ۾ ٽيسٽ جو رزلٽ اچي ويندو، ڪورونا جي ٻئي لهر تيزي سان ڦهلجي رهي آهي حڪموت پاران ڏسيل ايس او پيز تي عملي ڪري ئي ڪورونا کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي.

سکر جي اسڪول ۾روڊ سيفٽي بابت ليڪچر پروگرام

سکر(رپورٽر) آءِ جي موٽر وي  ڊاڪٽر سيد ڪليم امام، ايڊيشنل آءِ جي سائوٿ ريجن ڊاڪٽر آفتاب احمد پٺاڻ ۽ ڊي آءِ جي موٽر وي  سنڌ غلام سرور ڀيو جي خصوصي هدايتن تي موٽر وي پوليس سکر جي موبائل ايجوڪيشن جي آفيسرن ڊي ايس پي هيڊڪواٽر موٽر وي سکر خالد محمود نوا زجي نگرانيءَ  هيٺ سکر سيڪٽر جي سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن ۾ روڊ حادثن کان بچاءَ ۽ ٽريفڪ قانون تي عمل ڪرڻ لاءِ مختلف ليڪچر ۽ روڊ سيفٽي جي حوالي سان  آگاهي پروگرام منعقد ڪيا پيا وڃن، ان ڏس ۾ خانگي اسڪول ۾ليڪچر دوران موبائل ايجوڪيشن جي آفيسرن انسپيڪٽر صلاح الدين، انسپيڪٽر محمد پرويز ۽ سب انسپيڪٽر سرفراز خان  روڊ حادثن کان بچاءَ ۽ ٽريفڪ قانون بابت ٻارن کي اهم معلومات ڏني. ان  موقعي تي موٽر وي پوليس جي آفيسرن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي حڪومت طرفان ڪرونا وائرس کان بچاءَ  لاءِ جاري ڪيل احتياطي اُپائن جنهن ۾ ماسڪ پائڻ، سينيٽائزر  جو استعمال ۽ سماجي فاصلي بابت ليڪچر ڏنو ، جنهن کي ٻارن  تمام دلچسپي سان ٻڌو. ٻارن کي اهو به ٻڌايو ويو ته دنيا ۾ دهشتگردي سان ايتريون جانيون زيان ناهن ٿيون، جيتريون روڊ حادثن  ۾  ٿينديون آهن،جنهن جو مک ڪارڻ  غفلت سان ڊرائيونگ ۽ ٽريفڪ قانون تي عمل نه ڪرڻ آهي، پاڪستان ۾ روڊ حادثن تي  ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ موٽر وي پوليس پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي ته جيئن روڊ حادثن کان قيمتي جانين کي بچائي سگهجي. ليڪچر جي پڄاڻيءَ تي روڊ سيفٽي  بابت ٻارن کان مختلف سوال پڻ ڪيا ويا، درست جواب ڏيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ انعام ورهايا ويا. تقريب جي پڄاڻيءَ تي شاگردن ۽ شاگردياڻين  جو چوڻ هو ته ليڪچر ذريعي ڏنل معلومات  تي سختي سان عمل ڪري پنهنجي  ۽ ٻين جي زندگين کي  روڊ حادثن کان بچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪنداسين.

رتيديري اسڪول ۾ ٻاررن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان تقريب

رتوديرو (ن ع آ)رتيديري جي بوائز ( مين ) هاءِ اسڪول ۾ ٻارڙن جي عالمي ڏينهن جي حوالي  سان يو ايس ايڊ پاران سنڌ ڪميونٽي موبلائيزيشن جي تعاون سان انڊر سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام جي هڪ شاندار ۽ پر وقار تقريب منعقد ڪئي وئي هن پروگرام ۾ مانيٽيرنگ آفيسرن علي ڏنو هليو ۽ صائمه ميمڻ پن شرڪت ڪري ٻارڙن جي حوالي سان پروگرام ۾ شريڪ ماڻهن کي ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته اسان جو هي پروگرام سنڌ جي 8 ضلعن ۾ هلي رهيو آهي جڏهن ته اسڪول جي هيڊ ماستر سيف الله رند پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هي جيڪو پروگرام آهي اهو ٻارڙن جي ڀلائي ۽ بهبود لاءِ آهي سنڌ جي ٻارن ۾ لاتعداد صلاحيتون آهن ۽ پروگرام منعقد ڪرائڻ جو مقصد ٻارڙن ۾ لڪيل صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ آهي اسان جي هن اسڪول مان ئي ڪيترا اهڙا ٻار آهن جن هتي تعليم پرائي پنهنجن صلاحيتن آڌار وڏيون پوسٽون حاصل ڪيون آهن جڏهن ته تقريب ۾ اسڪولي شاگردن ۾ نعت ۽ تقريرن جا مقابلا پڻ ڪرائڻ کان علاوه ٽيبلو پڻ پيش ڪيا ويا جنهن ۾ ساگر سمون ، رضوان سمون ، غلام الرسول ، ساحل سومرو ، حبيب الله ڀٽو ۽ ٻين انعام پڻ حاصل ڪيا تقريب کي گسٽا اڳواڻ سيف الله ابڙو ، قربان گھانگھرو ، مسعود احمد ابڙو ، فضل الله عارباڻي ، امان الله ٻپڙ ، عطاءُ الرحمٰن سومرو ، عبدالوهاب ميمڻ ، اسد الله ويسر ، عبدالڪريم سپڙو ، پمن لال آهوجا ، امداد ڀٽو ، محمد اسلم جوکيو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪري ٻارڙن جي حالات تي کليل نموني روشني وڌي.

خيرپور لطيف يونيورسٽي جي ماڊل اسڪول ۾ ڪورونا آگاهي سيمينار

خيرپور ( ڊر ) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ماڊل اسڪول ۾ پاڪستان بائيولاجيڪل سيفٽي ايسوسيئيشن (پي بي ايس اي) پاران ڪورونا وائرس بابت هڪ آگاهي  ورڪشاپ منعقد. مريد حسين ابوپوٽو رجسٽرار ورڪشاپ جو خاص مهمان هيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي مريد حسين ابوپوٽو يونيورسٽي جي ماڊل اسڪول ۾ ڪورونا وائرس جي آگاهي بابت ورڪشاپ منعقد ڪرائڻ تي پي بي ايس اي ٽيم جو شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو يونيورسٽي ۾ حڪومت پاران جاري ڪيل ڪورونا ايس او پيز تي عمل درآمد ڪرڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.