اسلام ڪوٽ لڳ نينگري پير ترڪڻ سبب کوهه ۾ ڪري فوت

ٺي(بيوروچيف) اسلام ڪوٽ ڀرسان افسوسناڪ واقعو،ڳوٺ جوڳي مڙهي ۾ 15 ورهين جي نينگري کوھ تان پاڻي ڀريندي مبينا پير  ترڪڻ سبب ڪري فوت،لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن جي حوالي،تفصيل موجب:اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ جوڳي مڙهي ۾ هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو جتي 15 ورهين جي نوجوان نينگري  ڪوشليا ڌي  چانپو ميگهواڙ  کوھ تان  پاڻي ڀريندي مبينا  پير ترڪڻ سبب کوھ ۾ ڪري فوت ٿي ويئي،اطلاع تي اسلام ڪوٽ پوليس پهچي لاش کوھ مان ڪڍرائي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاء اسلام ڪوٽ جي  اسپتال آندو،انهي سلسلي ۾ پوليس موجب نينگري جي  لاش جو  پوسٽ مارٽم لاءِ ليٽر ڏنو ويو آهي وارثن جو چوڻ آهي ته نينگري پاڻي ڀريندي پير ترڪڻ سبب ڪري فوت ٿي  آهي اسان وڌيڪ ڪابه قانوني ڪاروائي ڪرائڻ نٿا چاهيون،لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن جي حوالي ڪيو ويو آهي،نينگري جي والد چانپو ميگهواڙ  ميڊيا کي ٻڌايو ته آئون شهر مزدوري لاءِ آيو هئس پويان گهر وارا کوھ تي پاڻي ڀرڻ ويا ته نينگري وارو واريندي پير  ترڪڻ سبب  کوھ ۾ ڪري پئي منهنجو نصيب ڦٽو آهي  آئون ڪوبه ڪاروائي ڪرائڻ نٿو چاهيان.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.