پکو واسي سعودي عرب ۾ فوت ٿيل نوجوان جو مڙھ ڏيھه پھتو

پکو (ن ع آ) پکو واسي سعودي عرب ۾ فوت ٿيل نوجوان جو مڙھ ڏيھ پھتو , وارثن ۾ روڄ راڙو مچي ويو ان ڏس ۾ ھفتو اڳ ڳوٺ يار محمد  مغيري واسي 26 ورھين جو نوجوان لياقت علي مغيري سعودي عرب جي شھر جده ۾ اوچتو بيمار ٿيڻ بعد فوت ٿي ويو ھو جنھن جو مڙھ سعودي انتظاميه ضروري ڪاغذات جي پورائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو جنھن کي جھاز وسيلي ڏيھ آندو ويو اھڙي طرح فوتي نوجوان جو مڙھ اباڻي ڳوٺ پھتو ته وارثن ۾ قھرام مچي ويو ۽ سوين آلين اکين سان گھوگھارو قبرستان ۾ مٽيء ماءُ حوالي ڪيو ويو , ان حوالي سان فوتي نوجوان جي ڀاءُ علي شير مغيري ٻڌايو ته نوجوان ڀاءُ لياقت علي ھڪ سال اڳ ڪمائڻ سانگي سعودي عرب ويل ھو جنھن جي طبيعت ڪجھ ڏينھن اڳ خراب ٿي وئي ھئي جنھن دوران ھو فوت ٿي ويو ان جو مڙھ برادري جي سماجي ماڻھن جي مدد سان ڏيھ پھتو آھي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.