ڪنڌڪوٽ واسي نوجوان ڪراچي مان پراسرار نموني گم

ڪنڌ ڪوٽ (ڊ ر)ڪنڌ ڪوٽ ويجهو ڳوٺ مبارڪ سهرياڻي واسي نوجوان مظفر سهرياڻي ميڊيا سينٽر پهچي ڪري اپيل ڪندي چيو  ته منهنجو ڀاءُ گل محمد سهرياڻي جيڪو مزدور جي لاء ڪراچي ويو جتي ڪجهه عرصو اڳ هڪ عورت سان پيار جو پرڻو ڪيو جنهن بعد ڪراچي ۾  رهڻ  جو  فيصلوڪيو جنهن بعد اسان سان مسلسل رابطي ۾ هو پر گذريل ٻن  مهينن  رابطي ۾  نه آهي ۽ آخري ڀيرو لوڪيشن قائد آباد ۾ ملي جنهن بعد هاڻي گل محمد سهرياڻي ۽ سندس گهرواري جا فون نمبر بند آهن جنهن ڪري اسين ڪراچي پوليس کان گهر ڪيون ٿا ته ٻنهي جو پتو لڳائي ڳولا ڪئي وڃي پراسرار گم ٿيڻ  ڪري اسان کي سخت پريشاني آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.