خراب پاليسين عوام کي ماري ڇڏيو آهي:اياز پليجو

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ عوام دشمن معاشي پاليسين غريب عوام کي خودڪشين تي  مجبور ڪري ڇڏيو آھي. اٽو ۽ ٻيون کاڌي پيتي جون شيون پورھيت عوام جي خريد کان پري ٿينديون وڃن. ڪرونا وائرس جي وبا سبب بيروزگاري ۾ بي پناھ اضافو ٿيو آھي، مزدور، ھاري، ڏھاڙي ڪمائيندڙ پورھيت، ٽرانسپورٽر سميت ھر ڪاروباري ماڻھو سخت متاثر ٿيو آھي پر حڪومت ڪو بہ رليف نہ ڏئي سگھي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪرونا وائرس جي وبا ٻيھر وڌي رھي آھي، حڪومت احتياطي اپائن تي عمل ڪرائي. رڳو ڳالھيون نہ ڪيون وڃن، ڪرونا جا خطرناڪ وبا حقيقت آھي، عوام کي ان کان بچائڻ حڪومت جو ڪم آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاقي حڪومت سنڌ کي ترقياتي منصوبن جو پيڪيج ڏئي. سنڌ سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڏئي ٿي پر ھتي سڀ کان وڌيڪ بدحالي آھي، شھر کنڊر ٿي ويا آھن، ٻھراڙي ۾ تہ عوام بنيادي سھولتن کان بہ محروم آھي. سڄي سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي سھولت ناھي، ماڻھو گٽر جو گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسڪولن جي حالت بدتر ٿي وئي آھي. بيروزگاري سبب غربت ۾ وڏو اضافو ٿيو آھي. سنڌ کي غربت جي دلدل مان ڪڍيو وڃي. روزگار جا وسيلا پيدا ڪيا وڃن، انڊسٽريل زون قائم ڪيا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو تہ عورتن، ٻارن ۽ اقليتن سان وڏي ناانصافي اھي، نياڻيون قتل ڪيون وڃن ٿيون، ٻارن جي اغوا ۽ زيادتين جا المناڪ واقعا ٿيندا رھن ٿا. اھڙن واقعن جي جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. جرڳن جو غير قانوني نظام بند ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.