خيرپور عدالت ۾ درخواست، ناري تعلقي ۾ باندي بڻايل بازياب ڪرائڻ جو حڪم

خيرپور(ڊر) سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج فيض محمد ڀٽي جي عدالت محرابپور جي رهواسڻ مسمات ثمينه جي طرفان داخل ڪرائيل درخواست کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي  سوراهه ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي سرچ وارنٽ اماڻي حڪم ڏنو آهي ته تعلقه نارا جي ڳوٺ بچل ڀنڀرو جي رهواسي رامچند وٽ ناحق باندي بڻايل منيش کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرائيو وڃي.

ڏهرڪي جو اغوا ڪيل شهري آزاد

ڏهرڪي (ت ر) ڏهرڪي جو ميان داد ميراڻي اغوا ڪارن جي چنبي مان آزاد ٿي گهر پهچي ويو. ڀنگ ڀري آزاد ٿيڻ جا اطلاع، خبر موجب اٻاوڙو مان 18 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ڏهرڪي جي ڳوٺ ڪٽا مهاڻا جو  رهواسي مغوي ميان داد ميراڻي اغوا ڪارن جي چنبي مان آزاد ٿي گهر پهچي ويو آهي. جنهن کي وارثن گهر جي ڪمري تائين محدود ڪندي ميڊيا توڙي ڏهرڪي پوليس سان ملائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته اغوا ڪارن پاران مغوي جي وارثن کي ڀنگ جي رقم جا ٻه لک رپيا ٻن ڏينهن ۾ ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ کيس قتل ڪرڻ جو ڌمڪي ڏيڻ بعد سندس وارثن ڏهرڪي شهر جي هڪ بااثر معرفت اغوا ڪارن کي ڀنگ جي رقم جا ٻه لک رپيا پهچائي ڇڏيا جنهن بعد ڌاڙيلن کيس رونتي جي ڪچي لڳ ڇڏي ڏنو. جتان سندس وارث کيس واپس گهر وٺي آيا آهن. هوڏانهن ڏهرڪي پوليس مغوي ميانداد ميراڻي جي بازيابي کان لاعلمي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف اطلاع آهن ته اغوا ڪارن سان مغوي جي وارثن جي ڊيل ڪرائيندڙ ڏهرڪي جي بااثر جي چوڻ تي بازياب ٿيل نوجوان ميانداد کي گهر جي ڪمري تائين محدود ڪيو ويو آهي. جتي ويجهن مائٽن کان سواءِ ٻه ڪنهن کي به ملائڻ کان لنوايو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.