لاڙڪاڻي جا 3 کنڀيل آزاد نه ٿيا، وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي مان مختلف وقتن تي کنڀي گم ڪيل ٽن نوجوانن جي آزادي لاءِ سندن وارث عورتن ڪالهه به پنهنجي پيارن جي تصويرن وارا بئنر کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي  بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي اقصيٰ دايو، افسانه دايو، رحمت خاتون سومرو ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته لاڙڪاڻي شهر جي نظر پاڙي مان 29 مئي 2017ع تي درزي انصاف دايو کي کنڀي گم ڪيو ويو جڏهن ته 23 آگسٽ تي ڪراچي جي لاسي ۽ وزير ڳوٺن مان شهر جي شاهه آباد پاڙي جي رهواسي ٻن ڀائرن شيراز احمد ۽ فراز سومرو کنڀي گم ڪيو ويو جن جو اڄ ڏينهن وقت تائين ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. هنن چيو ته نوجوانن جي کنڀجڻ کان پوءِ اسان جي گهرن ۾ سخت پريشاني واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، جڏهن ته کنڀي گم ڪيل ٽئي نوجوان پورهيو ڪري پنهنجي خاندانن جو پيٽ گذر ڪندا هئا جن جي کنڀجڻ کان پوءِ اسان جي گهرن ۾ ڪهرتام متل آهي ۽ اسين هر وقت سخت اذيت واري زندگي گذاري رهيا آهيون. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته کنڀي گم ڪيلن سمورن نوجوانن کي آزاد ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.