خيرپور ۾ عدالت حڪم تي ڪارروائي، باندي بڻايل آزاد

خيرپور ( ڊ ر )  خيرپور سيشن جج مشتاق احمد لغاري جي حڪم بعد فرسٽ سول جج محمد قابل مهر ٻئي عدالتي عملي کي ساڻ ڪري  خيرپور جي شهيد مرتضيٰ ميراڻي (اي سيڪشن) ٿاڻي تي ڇاپو هڻي رڪارڊ ضبط ڪري ورتو ۽ لاڪپ جي تلاشي دوران ناحق باندي بڻايل بلاول ولد محمد صالح شيخ کي بازياب ڪرائي ورتو. عدالت طرفان شهيد مرتضيٰ (اي سيڪشن) ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي رڪارڊ سميت سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. عدالت اهڙي ڪاروائي تعلقه ڪنگري جي ڳوٺ محمد علي شاهه جي رهواسي اربيلو ولد محمد صالح شيخ جي وڪيل پرويز علي شيخ جي طرفان داخل ڪرايل درخواست بعد ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.