وارهه ۾ کنڀي گم ڪيل عورت سميت ڇهن ڄڻن جو پتو نه پيو، احتجاجي مظاهرو

وارهه (ن ع آ) وارهھ ڀرسان ڳوٺ پٺاڻ خان بلاڻي مان 18 ڏينهن اڳ پوليس هٿان مبينا کنڀي گم ڪيل  ڳوٺ جي نيڪ مرد پٺاڻ بلاڻي عورت زاهده چانڊيو سميت ڇهن  ڄڻن جو پتو نه پيو ، وارثن ، ڳوٺاڻن ۽ علائقي جي معززين سعيد چانڊيو، ثناءُ الله، اسدالله ، ڪامريڊغلام مصطفيٰ چانڊيو وارھ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو.  پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي . ان موقعي تي ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 18 ڏينهن  اڳ دادو پوليس رئيس پٺاڻ خان بلاڻي کي کنڀي گم ڪيو ويو ساڳي رات قمبر شهدادڪوٽ ايس ايس پي جي اڳواڻي ۾ مختلف ضلعن جي پوليس رات جو تقريبن هڪ وڳي گهرن تي چڙهائي ڪري چادر چوديواري جو تقدس پامال ڪري ثناءُ الله بلاڻي، مسمات زاهده بلاڻي سميت ڇهن ڄڻن کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي اسان کي خدشو آهي ته ڪٿي پوليس اسان جي پيارن کي ڪوڙو ڪيس ڄاڻائي فل فرائي نه ڪري ڇڏي ،اسان اعلي اختياريون کان مطالبو ڪيو ته اسان جا گرفتار ڪري گم ڪيل ماڻهن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.