ڊگهڙي ۾ نوجوان کي پراسرار نموني باهه لڳي وئي، حالت خراب

ڊگھڙي (ن ع آ) ڊگهڙي شهر جي مهرڪالوني جو رهواسي 22ورهين جو نوجوان حسنين ولد ماستر ملڪ عمرالدين پراسرار نموني سڙي  سخت زخمي ٿي پيو زخمي نوجوان جو پاڙيسري شخص بشير احمد ملڪ ڊگهڙي ڀرسان درگاھ مڱڻ شاھ قبرستان مان واپس ٻاهر نڪري رهيو هو ته پري کان هڪ نوجوان ڪپڙن کان آجي حالت ۾ رڙيون ڪندو ڊوڙندو آيو پي سڙي زخمي ٿيل نوجوان کي سندس وارث فوري طور تي تعلقي اسپتال ڊگهڙي کڻائي پهتا جتي ڊاڪٽرن کيس طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد حيدرآباد ريفر ڪري ڇڏيو زخمي نوجوان جي والد جو چوڻ ھو ته اڃان تائين باھ لڳڻ جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو اسانجي ڪنهن سان ڪا به دشمني وغيره ناهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.