نوشهري ۾هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ، ناري قتل

نوشهروفيروز/دريان خان مري(نمائندا) نوشهروفيروزجي پريم نگر ڪالوني ۾ جوابدارن فائرنگ ڪري 17 سالن جي ناري خوشبو عرف دلشانه کي قتل ڪري ڇڏيو. جوابدار  گهر ۾ گهڙي ناريءَ تي فائرنگ ڪري جنهن جي نتيجي ۾ غير شادي شده ناري موقعي تي مارجي وئي، پوليس مطابق مقتول ناري جي وارثن جو مائٽن سان تڪرار هلندڙ هيو. ٻئي طرف مقتولا جي ڀاءَ قربان لاشاري جو چوڻ هو ته ڀيڻ کي  سڱاوتي تڪرار تان قتل ڪيو ويو آهي جوابدارن مان هڪ جي سڃاڻپ ٿي آهي جنهن نالو زاهد لاٽ آهي جيڪي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. ناري جي قتل کان پوءِ علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال ڇانئجي وئي جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.