اڳوڻو ايم پي اي قادر سومرو لاڏاڻو ڪري ويو

بلڙي شاهه ڪريم (رپورٽ عثمان پنهور) جنهاڻ سومري جي معزز شخصيت ۽ راڄوڻي طور فيصلائتو ڪردار رکندڙ اڳوڻو ايم پي اي ۽ ضلع  ڪائونسل جو ميمبر  حاجي عبدالقادر سومرو  دل جو دوروپوڻ سبب جمع جي صبح بلڙي شاھ ڪريم ڀرسان پنهنجي ڳوٺ جنهاڻ سومرو ۾ وفات ڪري ويو سندس وفات جو ٻڌي علائقا جا مختلف برادرين ساب تعلق رکندڙ چڱا مٺا جنهاڻ سومرو ۾ سندس تڏي تي پهچي ويا مرحوم بلڙي شاھ ڪريم جي تر ۾ فيصلائتو راڄوڻو ڪردار رکندڙ ماڻهو هو سوين سوڳوار اکين سان کيس جمع جي شام جنهاڻ جي مقامي قبرستان ۾ سندس والد حاجي عبدلواحد جي پيراندي کان مٽيء ماء حوالي ڪيو ويو آهي جنازي نماز ۾ پ پ پ ضلع ٽنڊي محمد خان جي صدر ايم پي اي سيد اعجاز شاھ بخاري ايم پي اي عبدالڪريم سومري ڊاڪٽر ايوب جت، مولانا حبيب الرحمان سومري  عبدالرحيم ڪاتيار ، ائڊووڪيٽ عبدالطيف سومري ،ضياء الدين ميمڻ، رفيق رند  سميت اهم سياسي سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.