الطاف جسڪاڻي جو موت سنڌي قوم لاءِ للڪار آهي: ناصر محمود

لاڙڪاڻو(ڊ ر) شھيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي ياد ۾ منعقد ٿيندڙ شھيد اسلام ڪانفرنس کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ جي يو آئي اڳواڻن مولانا  ناصر خالد محمود سومرو ۽ محبت علي کھڙو مختلف علائقن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ناصر خالد محمود سومرو چيو ته رسول اللہ صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ گستاخي سڀ کان وڌيڪ دھشتگردي آهي جيڪا ڪنهن به صورت برداشت نه ڪئي ويندي، نئي نسل کي عقيده توحيد ۽ ختم نبوت کان آگاهه ڪيو وڃي. هن چيو ته ايس ٽي پي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي سنڌ جو بھادر ارڏو پٽ ھو جنهن کي هڪ سوچيل سمجھيل سازش تحت قتل ڪيو ويو، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، الطاف جسڪاڻي جو قتل سنڌي قوم لاء ھڪ پيغام ۽ للڪار آهي اڄ ڪجھ دھشت گرد پرامن سنڌ ڌرتي تباهه ڪرڻ جي پويان پيل آهن سنڌ جي ماڻهن کي ڳولھي گم يا قتل ڪيو وڃي ٿو جنهن جي سخت مذمت ڪريون ٿا. ھن چيو ته عوام نااھل ۽ حڪومت مان تنگ اچي چڪو آهي معاشي بدحالي وڌي وئي آهي ڌانڌلي جي پيداوار ايوانن ۾ آيل اليڪشن سڌارڻ جي ڳالهه پيا ڪن اھڙو عوام سان مزاق ڪري انهن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ آهي. هن چيو ته سليڪٽڊ وزيراعظم غير ملڪي ايجنڍا تي عمل پيرا آهي نااھل سليڪٽيڊ  عمران خان نه صرف ملڪ کي ڪمزور ۽ معاشي طور تباهه ڪري رھيو آهي پر ملڪ کي ٽوڙڻ جي سازش ۾ رڌل آهي آمريڪا ۽ ڀارت بنيادي طور تي دھشتگرد ملڪ آهن جن بيگناهه مسلمانن جو قتل عام ڪيو آهي پر شھداءِ اسلام جون قربانيون رائيگان نه وينديون. هن چيو ته پاڪستان کي جھموري ۽ اسلامي فلاحي رياست بڻايو ويندو غير جھموري قوتن جي غيرآئيني طريقن جي ڪري ملڪ تباھي جي ڪناري تي پھچي چڪو آهي. هن چيو ته جمعيت علماء اسلام ھميشه ملڪ دشمن عناصرن ۽عوام جي فلاح ۽ بھبود جي لاءِ جدوجھد ۽ ڪم ڪيو آهي جي يو آءِ ملڪ جي سلامتي ۽ انهن جي بقاءَ جي لاءِ ھر قرباني ڏيڻ لاء تيار آهي، موجودهه حڪومت ملڪ کي سخت نقصان ۽ عوام کي مايوسي کان سواءِ ڪجھ به ناهي ڏنو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.