ڀان لڳ زمين مالڪي تان جهيڙو، 6 ڄڻا زخمي

ڀان سيدآباد ( ن ع آ  ) ڀان سيدآباد ويجهو ڳوٺ يوسف ٿيٻو ۾ زرعي زمين تي پاڻي جي واري تان ٿيٻا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ٻنهي ڌرين جي ماڻهن پاران هڪٻئي مٿان ڏنڊن،سرن ۽ ڪهاڙين  جا وار ڪيا، جهيڙي دوران محمد صالح ٿيٻو،خادم ٿيٻو،ابراهيم ٿيٻو، منظور ٿيٻو،رحيم ٿيٻوسميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ سيوهڻ منتقل ڪيو ويو.جتي هڪ زخمي محمد ابراهيم ٿيٻو جي حالت نازڪ هجڻ سبب کيس حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، هوڏانهن ڀان پوليس جهيڙي جو ڪيس ڀان ٿاڻي تي زخمي محمد صالح ٿيٻو جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، آخري اطلاعن تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.