ڄام نواز علي لڳ سماجي تنظيم طرفان تنگ ڪرڻ سبب نوجوان جي آپگهات ڪوشش

ڄام نوازعلي(ن ع آ)نئوآباد ۾ سماجي تنظيم جي ظلم کان تنگ ٿي نوجوان پاڻ کي باه ڏئي ساڙن جي ڪوشش شهرين کيس بچائي ورتو سماجي تنظيم ٿرديب  پاران علائقي جي ماڻهن کي وياج تي قرض ڏنو  جنهن جي وصولي لاء قرض کندڙن کي تنگ ڪرڻ لڳا هڪ مزدور پورهيت ڊالو مل ڀيل  ٿرديب جي عملدارن جي ظلم کان تنگ ٿي پاڻ تي پئٽرول هاري باه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس شهرين ڏسي ورتو جن کيس بروقت پهچي پئٽرول ۽ ماچيس ڦري ورتو ان موقعي تي  متاثر ٻڌايو ته مون ٿرديب اين جي اوز کان روزگار  ڪرڻ لاء قرض ورتو هن وقت ڪرونا وبا سبب مزدوري ناهي بي روزگار ويٺو آهي کائڻ لاء ڪجه ناهي ٿرديب وارا بار بار اچي قرض جي ادائگي لاء حراسان ڪري  گرفتار ڪرڻ جيون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن انهن جي ظلم  کان تنگ ٿي خدڪشي ڪرڻ چاهيان ٿو گهر ۾ ڪجه ناهي قرض ڪٿان ڏيا نوٽيس ٿرديب اين جي اوز خلاف ڪاروائي ڪري قرض معاف ڪرايو.

شهدادڪوٽ ڀرسان حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ پيرسن فوت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) شهدادڪوٽ شهر ڀرسان باءِ پاس روڊ تي تيز  رفتار موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ پنڌ ويندڙ ڳوٺ مٺا خان مستوئي واسي پيرسن سامڻو خان چانڊيو سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي سندس وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي پيرسن فوت ٿي ويو. ان موقعي تي زخمي جي ڀائيٽي غلام حسين چانڊيو ٻڌايو ته منهنجو چاچو سامڻو خان چانڊيو ڪم سانگهي سانگهي پنڌ وڃي رهيو هو ته شهدادڪوٽ شهر ڀرسان باءِ پاس روڊ تي تيز رفتار موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي اسان کڻائي علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال داخل ڪرايو جتي علاج دوران هو فوت ٿي ويو آهي. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد پيرسن جو لاش وارث ڳوٺ کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.