لاڙڪاڻي جي ٻاراڻي اسپتال ۾ آڪسيجن سيلنڊر ڦاٽي پيو، ملازم زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي جي ٻاراڻي اسپتال ۾ آڪسيجن سلينڊر ڦاٽي پيو، ملازم زخمي، عورتن ۽ مردن ۾ خوف ۽ حراس ڦهلجي ويو. ان سلسلي ۾ ڪالهه لاڙڪاڻي جي  شيخ زيد ٻاراڻي اسپتال ۾ قائم آڪسيجن روم ۾ اوچتي سلينڊر ڦاٽڻ سبب اسپتال جو ٽيڪنيشن ملازم فياض ڪنڀر سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ٻين ملازمن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪرايو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. هوڏانهن سلينڊر ڦاٽڻ جو آواز ٻڌي ٻاراڻي اسپتال ۾ موجود عورتن ۽ مردن ۾ خوف ۽ حراس ڦهلجي ويو جيڪي وارڊ مان ٻاهر نڪري آيا. ٻڌايو پيو وڃي ته شيخ زيد ٻاراڻي اسپتال جي سمورن وارڊن ۾ آڪسيجن سپلاءِ ڪرڻ جو ٺيڪو ڪراچي جي هڪ خانگي ڪمپني کي ڏنو ويو هو جنهن طرفان ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ جي ڪري واقعو پيش آيو آهي. ٻئي پاسي اسپتال مان علاج ملڻ بعد زخمي ٽيڪنيشن ملازم فياض ڪنڀر کي گهر روانو ڪيو ويو.

ٽنڊي غلام حيدر ويجهو موٽرسائيڪل ۽ ڪوچ ۾ ٽڪر، عورت سميت 2 ڄڻا زخمي

ٽنڊوغلام حيدر (ن ع آ) ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان نظاماڻي بس اسٽاپ حيدرآباد_بدين روڊ تي تيزرفتار موٽرسائيڪل ۽ مسافر ڪوچ ۾ زوردار ٽڪر ٿي  پيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار حيدرآباد واسي نوجوان شهباز بلوچ ۽ عورت ايني بلوچ سخت زخمي ٿي پيا اطلاع تي حد جي ٽنڊوغلام حيدر پوليس حادثي واري هنڌ پهچي زخمين کي ٽنڊوغلام حيدر سرڪاري اسپتال آندو جتان ڊاڪٽرن پاران ٻنهي زخمين کي فرسٽ ايڊ ڏئي حيدرآباد سيول اسپتال ريفر ڪري ڇڏيو جڏھن ته حادثي جو اڃا تائين ڪو به ڪيس وغيره داخل ناهي ٿي سگهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.