ڏوڪري جي ڪامورن ۾ڇڪتاڻ، نئين ٽي اي او کي چارج نه ملي

ڏوڪري (ت ر) ڏوڪري ۾ تعلقي ايجوڪيشن آفيسر جي ڪرسي تان مقرر ڪيل ۽ هٽايل ايجوڪيشن آفيسرن ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي ، ڪالهه  ڇهين ڏينهن به مقرر ڪيل ٽي اي او  رياض شاھ کي چارج نه ملي سگهي ، جنهن ڪري تعليم کاتي جو سمورو ڪاروهنوار ٺپ رهيو جڏهن ته گذريل ڏينهن هٽايل ۽ مقرر ڪيل ٽي اي او آفيس پهتا، مبينا طور آفيس جا تالا ٽوڙيا ويا مقرر ڪيل ٽي او رياض حسين شاھ  هٽايل ٽي او عثمان کوکر تي آفيس جا تالا ٽوڙي زبردستي سندس ڪرسي تي ويهڻ جا الزام مڙهيا ويا آهن . ،  جڏهن ته مقرر ڪيل ٽي او تعليم کاتي جي اختيارين ۽ ڏوڪري جي جوڊيشل مئجسٽريٽ سول جج کي لکت ۾  معاملي جي درخواست لکي دانهن ڏني آهي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي رياض حسين شاھ ٻڌايو ته کيس اڃان تائين چارج نه ملي آهي هٽايل ٽي او محمد عثمان کوکر آفيس کي لڳل تالا ٽوڙي زبردستي تعلقي ايجوڪيشن آفيسر جي ڪرسي تي ويهي رهيو اهڙي معاملي جي مون تعليم کاتي جي اختيارين ۽ ڏوڪري جي جج کي کي آگاهي ڏني آهي. تعليم کاتي جي اختيارين ڊيوٽي اٽڪاء جو ڪيس داخل ڪرڻ جو چيو آهي. هوڏانهن محمد عثمان کوکر جو چوڻ هو ته مان چارج ڏيڻ لاءِ آفيس آيو هئس تالا ٽوڙڻ ۽ زبردستي ڪرسي تي ويهڻ جا الزام اجايا آهن رياض شاھ ڊراما ڪري رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.