سنڌ ڪولهي اتحاد جي احتجاجي مارچ  کي حڪومت عزت بخشي

ايڊيٽوريل

رپورٽن موجب ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي خلاف ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ سنڌ ڪولهي اتحاد جو ننگر پارڪر کان نڪتل پنڌ مارچ ٽيون ڏينهن پهرين مرحلي ۾ مٺي تائين مڪمل ٿي ويو. رڻشال ڪولهي، ڀرمي ٻائي ۽ ٻين اڳواڻي ۾ پيادل مارچ ڪيو ويو جنهن ۾ ڪولهي برادري جي عورتن به شرڪت ڪئي. لانگ مارچ ڪندڙ اڳواڻن رڻشال داس ڪولهي، ڀرمي ڪولهي، ماوجي ڪولهي، ڀاڳي شري ۽ ٻين چيوته ڪارونجهر جبل جي پٿرن جون ڀڳڙن مٺ عيوض ليزون ڏئي اسانجي اثاثي سان کيڏيو پيو وڃي تنهن ڪري ڪارونجهر جبل جو پٿر ڪٽڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي. هنن چيو ته ڪارونجهر جبل اندر گگرال وڻ کي ڪيميڪل ذريعي ختم ڪندڙ مافيائن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. ننگر پارڪر جي محڪوم ۽ مظلوم برادرين کي مڙني بنيادي حقن کان محروم رکي کين دربدر ڪيو ويو آهي. هنن اڳواڻن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن ڪارونجهر جي ڪٽائي بند نه ڪئي وئي ۽ کين بنيادي حق نه ڏنا ويا ته ايندڙ مارچ مٺي کان ڪراچي ڏانهن ڪيو ويندو ۽ سنڌ اسيمبلي جو گهيراءُ ڪيو ويندو.

ڪولهي اتحاد پاران لانگ مارچ جي پڄاڻي تي ڏهه ٺهراءَ به منظور ڪيا ويا. انهن ٺهرائن مطابق ته ٿرپارڪر ۾ ايمنٽي پراپرٽي هيٺ آيل زمين جا مقامي قبضي دار بي زمين ماڻهن کي مالڪاڻا حق ڏنا وڃن. جبل جي سونهن فقير وڻ گگرال کي ٽڪ هڻي قتل ڪرڻ بند ڪريو. انساني آبادي ۽ ڌرتي جي سونهن جهنگلي جيوت، پکي پکڻ جي جياپي لاءِ ڊيمن مان زرعي مقصدن خاطر پاڻي کڻڻ بند ڪيو. پسمانده آديواسي شيڊولڊ ڪاسٽ برادرين جي قبرستانن ۽ زمينن تان قبضا ختم ڪرايا وڃن ڪارونجهر سميت سمورين ٽڪرن کي ليز تي ڏيڻ بند ڪريو ننگرپارڪر جي ريتي ۽ بجري کي مقامي ماڻهن جي گهريلو استعال ڪرڻ تان پابندي ختم ڪئي وڃي.

جمهوريت پسند ۽ اظهار جي آزادي جون قائل ڌرين کي اهڙن عوامي احتجاجن کي نه رڳو مان ڏيڻ گهرجي، عزت بخشڻ گهرجي. پر انهن کي قبولڻ جي به روايت قائم ڪرڻ گهرجي. اسان جون حڪومتون عام طور تي اها دعويٰ ڪنديون آهن ته اسان جيڪي به ترقياتي ڪم يا منصوبا رٿون ٿا سي عوام ۽ ملڪ جي مفاد ۾ هوندا آهن. اهو ته ٿيو حڪومتي موقف پر جمهوري اصول پـٽاندڙ ڏسبو اهو ته عوام جو موقف ڪهڙو آهي.مثال طور حڪومت ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي جو ڪو منصوبو شروع ڪري ٿي ۽ ٿر جو عوام ان کي رد ڪري ٿو يا قبول نٿو ڪري ته حڪومت کي اصولي طور تي ۽ جمهوري گهرج موجب اهو منصوبو رد ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته مقامي ماڻهن کي ان تي اعتراض آهي. ان حوالي سان سڄي سنڌ جو  عوام ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي خلاف سراپا احتجاج آهي. ان روشني ۾ اسان سنڌ ڪولهي اتحاد جي احتجاجي مارچ جي حمايت ڪيون ٿا ۽ سندن موقف کي درست سمجهون ٿا.

چوندا آهن ته اهو ”سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني“ حڪومت ڀلي ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي کي ٿر جي مفاد ۾ سمجهي پر جيڪڏهن ٿري ۽ سنڌي عوام ان حڪومت جي ڀلائي کي پنهنجو نقصان سمجهي ٿو ته حڪومت جو فرض آهي ته عوام جي راءِ جو احترام ڪندي ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي جو منصوبو ختم ڪري. پيپلز پارٽي جيڪڏهن پاڻ کي عوامي ۽ جمهوري پارٽي سمجهي ٿي ته ان کي عملي طور تي ثابت به ڪرڻو پوندو. عوام توهان کي برابر ووٽ ڏئي ٿو پر ان جو مقصد اهو آهي ته اوهان ان جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ سوچيندئو اهو ووٽ بينڪ اوهان کي سنڌ ۽ ان جا معدني وسيلا يا سياسي ۽ تاريخي حق وڪڻڻ لاءِ قطعي طور تي ناهي ڏنو ويو. نه ئي چونڊ مهم ۾ اوهان کين حڪومت ۾ اچي ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي جو پروگرام ٻڌايو هو. جيڪڏهن ٿرين يا سنڌ جي عوام کي پروڙ هجي ها ته اوهان حڪومت ۾ اچي سنڌ جي اثاثن کي کپائيندئو ته جيڪر اهي اوهان کي ووٽ ئي نه ڏين ها.

سو سنڌ ڪولهي اتحاد  جي احتجاجي مارچ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيو ته انهن اوهان کي ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي جي اين او سي ناهي ڏني. اوهان کي گهربو هو ته مٺي ۾ پهتل ان مارچ ۾ شريڪ ماڻهن جي موقف کي ٻڌڻ وڃو ها، پنهنجو ڪو نمائندو اتي موڪليو ها ۽ کين خاطري ڏياريو ها ته اوهان ڪراچيءَ اچڻ جي تڪليف نه ڪيو، حڪومت پاڻ اوهان جا مسئلا ٻڌڻ ۽ انهن کي حل ڪرڻ لاءِ اوهان وٽ ايئن پهچندي جيئن ووٽ وٺڻ لاءِ ايندي آهي پر افسوس ته ايئن نه ٿيو، هاڻي جڏهن سنڌ ڪولهي اتحاد مٺي کان ڪراچي تائين لانگ مارچ ڪندو، سنڌ اسيمبلي ڏي ايندو ته اوهان حسب روايت سندن رستا روڪ ڪندئو ۽ پوليس گهرائي مٿن لٺ بازي ڪندئو، ٽنگو ٽالي ڪري کين پوليس وينز ۾ اڇليندئو. جيڪڏهن اوهان کي سنڌ اسيمبليءَ جو گهيراءُ پسند ناهي ته سنڌ جو عوام ڀلا اوهان کي ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي جي ڪيئن اجازت ڏيندو.

سو هوش مندي جي گهرج اها آهي ته ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي جو منصوبو رد ڪري، ڪولهي اتحاد جي ٺهرائن تي عمل ڪري جمهوري حڪومت هئڻ جو اعزاز حاصل ڪيو ۽ سنڌ جي اثاثن کي کپائڻ جي نه پر انهن کي ترقي ڏياريو، سياحتي مرڪز بڻايو ۽ سياحت طور ان مان ڪمائڻ جي منصوبابندي ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.