سياسي آمريت ۽ جلسا !

شوڪت علي جلباڻي

جڏهن جهموري رياست ۾ غير جهموري  فرد  رياست جا حڪمران هجن اتي هر هڪ آواز کي دٻائڻ جي لاءِ ڪنهن قسم جي اخلاقي پئماني  جي ضرورت ناهي پوندي، صرف  فيصلا ڪيا ۽ مڙهيا ويندا آهن، وفاقي ڪابينا جيڪا 51 وزيرن ۽ صلاحڪارن تي ٻڌل آهي  تن مان 18 وفاقي ڪابينا جا نمائندا اڻ چونڊيل آهن،  وزيراعظم عمران خان جڏهن ڌرڻن ۽ جلسن جي اسٽيج تي بيهي ، سهڻن خوابن جي ڳالهه  ڪندو هو  اتي  پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي ڪابينا ميمبرن  جي وڏي  تعداد  هجڻ تي تنقيد ڪندي ۽  پنهنجي حڪومت اچڻ تي ننڍي ۾ ننڍي ڪابينا رکڻ جا عوام کي دلاسا ڏيندو هو  پر تبديلي حڪومت جي يو ٽرنز مان هڪ يو ٽرن اهو به نڪتو، جتي عوام مان چونڊجي آيلن جي ڪابينا تي اعتراض واريو ويندو هو اتي  هن وقت ملڪي ڪابينا ۾  اڻ چونڊيل ماڻهن جي هٿن ۾ وفاقي قلمدان  آهن .شايد ملڪ ۾  جيڪي به  فيصلا يا صلاح ڪئي وڃي پئي ان ڪري به فائديمند ثابت نه ٿي آهي ، يقينن  وزيرن صلاحڪارن جا تبديل ٿيندڙ قلمدان پڻ حڪومتي وزيرن ۽ صلاحڪارن جي ناڪامي ڏانهن اشارو ڪن ٿا.

ملڪ ۾ جڏهن غيرجهموري حڪومتون هونديون هيون ته اهي سياسي ماڻهن کي دٻائڻ لاءِ سياسي ماڻهن جي ئي چونڊ ڪري انهن آڏو بيهاريندا آيا آهن، اهڙا تجربا اسانجي ملڪ ۾ ڪيترائي ڪيا ويا آهن جن کي  ملڪي تاريخ  ۾ قدر جي نگاهن سان نه ٿو ڏٺو وڃي  پر اونداهي دور جا راتاها تصور ڪيا وڃن ٿا .شايد تبديلي سرڪار جي وڏي ۾ وڏي  ناڪامي اها آهي ته هڪ پيج تي هجڻ جي باوجود ،   ملڪي تاريخ ۾ مقتدر حلقن کي جيترو  حڪومتي توڙي مخالف ڌر جي طرفان بحث هيٺ آندو ويو آهي سو ايوب خان جي دور کان وٺي  پرويز مشرف جي دور  ۾ به نه ٿيو، حڪومتي مخالف ڌر جي طرفان مخالف ڌر جي جلسن تي پابندي ۽  گرفتارين سان عوام جو ڌيان جيترو حڪومت مخالف ڌر ڏانهن ڇڪايو آهي شايد ايتري عوام انهن ڏانهن مائل نه ٿئي ها، اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي تقرير تي پابندي ته آهي پر حڪومتي اڻ چونڊيل نمائنده سوشل ميڊيا توڙي قومي ميڊيا تي ويهي سڄي تقرير عوام کي کولي سمجهايو ڇڏين،  خبر ناهي  ته هي حڪومتي دفاع آهي يا غير خيرخواهي ؟  لڳي ائين ٿو ته هاڻي عوام به سمجهي چڪي آهي جنهن جو اندازو   اوهان گلگت جي اليڪشن جي نتيجن مان  لڳائي سگهو ٿا ته اتان جي عوام آزاد اميدوارن کي ووٽ ڏيئي ڄڻ سياسي پارٽين کان بيزاريءَ جو مظاهرو ڪري ڇڏيو آهي.

اڄ ڏينهن تائين ملڪ ۾ غير جهموري آمرن هميشه سياستدانن جي ڪيل غلطين جو سبب ڄاڻائي ملڪ تي حڪمراني ڪئي آهي،اسان ملڪ جو اڌ حصو انهن سياسي غلطين ۽ رياستي مداخلتن تي وڃائي ويٺاسين،اڄ به اسين ملڪ جي ٻن وڏين جماعتن تي  مسلم ليگ نواز، پيپلز پارٽي تي صوبائي سياست جو بار بار الزام ڏيندي انهن کي فقط انهن جي صوبن سان ڳنڍي اتي ئي محدود ڪرڻ گهرون ٿا ، حڪومتي وزير ۽ صلاحڪار پيپلزپارٽي کي سنڌ ۽ مسلم ليگ کي پنجاب جي پارٽيءَ جو طعنو ڏين ٿا پر کڻي ڇابه چئجي انگن اکرن کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته موجوده پارليماني سياست ۾ مسلم ليگ ملڪ جي ٻئي وڏي ۽ پيپلزپارٽي ٽيئن، اڪثريت رکڻ واريون جماعتون آهن، ٻنهي جماعتن جي پوري ملڪ ۾ نمائندگي آهي، ملڪ ۾ موجوده بحراني حالتن ۾، ڪنهن به صورت ۾ انهن کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي وري انهن کي ڪنهن ديوار سان لڳائي سگهجي ٿو.

پرنٽ ميڊيا توڙي ڊجيٽل ميڊيا تي پابندي، مهينن تائين سياسي ڪارڪنن توڙي صحافين کي قيدي ڪرڻ،  بيروزگاري ۽ مهانگائي تي عوامي بدحالي کان اکيون ٻوٽڻ ۽ پنهنجين ناڪامين کي ڪاميابين جا تاج پارائڻ جهڙا ڪم آمريت جي دورن ۾ ٿيندا آهن، وزيراعظم عمران خان کي به پاڻ تي يقين ڪرڻ گهرجي هو ملڪ جو جهموري وزيراعظم آهي،

ملڪ ۾ نيشنل ڊائلاگ انتهائي ضروري آهي ڇو ته ملڪ جون سياسي حالتون انتهائي ڳنڀيرتا جو شڪار آهن، ملڪ جي 72 سالن ۾ پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ پهريون دفعو پنهنجي آئيني اقتدار جا پنج سال پورا ڪيا، ارڙهين ترميم ۾ اڻپوري ئي صحيح پر صوبائي خودمختياري توڙي ٻين معاملن ۾ پيش رفت ٿي، هاڻي جيڪڏهن ڪابه سياسي جماعت چور دروازو  ( جنهن جو خواهشمند پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ جي دور ۾وزيراعظم عمران خان هو ) جو رستو   اختيار ڪيو ويو ته ملڪ ۾ هلندڙ لولي لنگڙي جهموريت به سنڀالي ڪين سگهبي، جنهن جو تجربو ٻنهي جماعتن کي خوب آهي ته جڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي اڪثريت واري چونڊيل حڪومت کي گهر موڪلي نوازشريف کي اقتدار بخشيو ويو هو ته ٻن سالن جي عرصي کانپوءِ  نوازشريف کي به تخت تان لاهي جيل ڀيڙو ڪري ، مٿس انتهائي سنگين قسم جا الزام مڙهيا ويا ۽  ٽئين ملڪ جي مداخلت تي مسلم ليگ جي قيادت معاهدا ڪري ملڪ بدر ٿي ويئي،اڄ به پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جنهن کي مخالف اليڪشن چورائڻ جو الزام ڏين ٿا، تنهن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن غير آئيني طريقو اختيار ڪيو ويو ته ملڪ لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿيندو، ها  جيڪڏهن آئيني طور تي ڪا تبديلي آڻجي ته ملڪ ۾ جهموري قدر وڌيڪ مضبوط ٿيندا.

دنيا کي وبا جي ٻي لهر متاثر ڪري رهي آهي  اتي وطن عزيز ۾ روز جي بيناد تي ڪيس وڌي رهيا آهن ، حڪومتي انگ اکر خطرناڪ آهن پر مخالف ڌر جا رهنما  هن ڀيري ڪورونا انجنيئرنگ سمجهي حڪومتي ڏنل تجويزن ۽ پابندين کي مڃڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن ۽ اي پي ڊي ايم تحت جيڪي شيڊول ٿيل جلسا ڪرائڻ لاءِ بضد آهن  ، جيڪڏهن اپوزيشن موجب حڪومت وبا جي آڙ ۾ معشيت جيان مخالف ڌر جي تحريڪ  کان به عوام ۾ پنهنجو فيس سيونگ واري حڪمت عملي دهرائيندي رهي ته اهو هن ڀيري نه ٿي سگهندو ، پر جيڪڏهن جلسن  يا عوامي ميڙن سان صورتحال تمام گهڻي خراب ٿي ويئي ته مخالف ڌر کي به عوام ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهڻ لاءِ ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي،

انهي سڄي صورتحال ۾ حڪومت کي جلسن جلوسن جي پابندي ، هٿ ٺوڪين ڪيسن ۽ گرفتارين کان پاسو ڪري، ڳالهه ٻولهه جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي  ، جنهن جي لاءِ  وزيراعظم عمران خان کي پنهنجي ضد ۽ هوڏ تان لهڻو پوندو، مخالف ڌر کي جيلن  ۽ جلسن جي بدران ايوانن ۾ ويهاري عوام جي لاءِ قانونسازي سان گڏ، عوام جي امنگن پٽاندڙ پاليسيون جوڙڻ گهرجن ۽ اهو سڀ شايد تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن وفاقي ڪابينا ۾ عوام جا چونڊيل نمائنده حڪومت جي نمائندگي ڪندا ۽ وزيراعظم عمران خان کي ٽڪراءَ جي بجاءَ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي صلاح ۽ مشورو ڏيندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.