هڪ دفعو ٻيهر مشين خراب!

نذير سومرو

برف جهڙي علائقي ۾ ٻاٻري باهه جهڙيون تقريرون ڪندڙ مريم نواز به هارائي ويئي ۽ سخت محنت سان سڀ کان وڏي چونڊ مهم هلائيندڙ بلاول به هارائي ويو. جلسن جي لحاظ کان سڀ کان وڏا جلسا به مريم نواز ۽ بلاول ڀٽي جا ٿيا ته هارايو به انهن. جلسن جي مقابلي ۾ وزير اعظم طور شرڪت ڪندڙ همراهه جا جلسا جلسيون قرار ڏنيون ويون ۽ پوءِ به هي ڪامياب! هڪ اتفاق اهو به ٿيو آهي ته ووٽ کڻندڙ پارٽين مان پ پ پ سڀ کان گهڻا ووٽ کنيا آهن ۽ سيٽون وري گهٽ.

ٻه هزار ارڙهن جي ملڪي چونڊن ۾ نتيجا ڏيندي ڏيندي اوچتو مشين خراب ٿي پيئي. آخري نتيجي طور سڀ هارائي ويا ۽ کٽيو ته رڳو عمران خان کٽيو. هاڻي وري گلگت بلتستان ۾ چونڊ ٿي جنهن ۾ مشين وري ”اوچتو“ ايئن ئي بيهي رهي جيئن موٽر سائيڪل جو تيل ختم ٿي وڃي ۽ هوءَ فٽ فٽ ڪندي بيهجي وڃي. آخري نتيجو وري به اهو ئي نڪتو جو سڀ هارائي ويا کٽيو ته رڳو عمران خان کٽيو.

چونڊ جا اصل فاتح وري به آزاد اميدوار ئي رهيا جن وٽ ڪرسيءَ جي ڪنجي رهندي جن جي وري ماسٽر ڪي اصل ماسٽرن وٽ ئي رهندي. ٿلهي ليکي ڏيئي وٺي وري به فاتح اهي ئي رهيا. گڏوگڏ ان جي بلڪل ”عجيب ۽ غريب“ اتفاق ته اخباري خبرن مطابق پنجن آزاد اميدوارن تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي ۽ عين اتفاق اهو به ٿي سگهي ٿو ته پي ٽي آءِ پنهنجي حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي.

اهڙا عجيب و غريب اتفاق اڪثر اسان جي ملڪ ۾ اٽڪل هر اليڪشن ۾ ٿيندا رهندا آهن. جنهن جو مطلب ماسٽر ڪي پاڻ وٽ رکڻ ئي هوندو آهي. ملڪي سياسي ۽ سازشي تاريخ ۾ ڪراچي شهر کي وڏي اهميت حاصل رهي آهي. اتان جي ماڻهن جي ڪنجي ماسٽرن وٽ رهندي آئي آهي. جيڪي کين ڪڏهن ڪهڙو ته ڪڏهن ڪهڙو نالو ڏيندا رهيا آهن. اوڻويهه سو اٺاسيءَ ۾ ايم آر ڊيءَ جي تحريڪ جي پٺ ۾ ڇرو هڻڻ عيوض جڏهن ڪنهن کي حڪومت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته اوچتو ۽ پهريون دفعو چونڊ وڙهندڙ عجيب و غريب اتفاق سان ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد مان قومي اسيمبليءَ ۽ صوبائي اسيمبليءَ جون سڀ ئي سيٽون کڻي اڇي ڪاري جا مالڪ ٿيا جن نون ناتجربيڪار حڪمرانن کي ”ونجهه وٽي“ راند کيڏائي. وڏو وزير صاحب ڪلاڪن جا ڪلاڪ هڪ ملاقات لاءِ انتظار ڪندو هو پوءِ وڃي کيس باريابي جو شرف حاصل ٿيندو هو. وڏو وزير ملاقات کان پوءِ ”پگهران پگهر“ هوندو هو. غالب چواڻيءَ جو تيري محفل سي نڪلا پريشان نڪلا. اهڙيون ملاقاتون هفتي ۾ ٻه چار ٿينديون هيون. ان اليڪشن جا نتيجا جڏهن پي ٽي وي تي ٻڌايا پئي ويا ته ”مبصرن“ اهڙا ته تبصرا ڪيا جو لڳو ڄڻ تعريفي جملن جو ڪو مقابلو هجي جيڪو سرڪاري خرچ تي ڪرايو ويو هجي.

گلگت بلتستان ۾ ٿيندڙ پوئين يعني ٻه هزار پنڌرنهن واري اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ هڪ سيٽ کنئي هئي جيڪا هاڻي وڌ ۾ وڌ سيٽون کڻندڙ پارٽي ٿي اڀري هئي. ان جي ڀيٽ ۾ مسلم ليگ نون پنڌرنهن سيٽون کنيون هيون جنهن کي هاڻي ٻه سيٽون نصيب ٿيون. هتي انيڪ سوال اڀرن ٿا ته اهڙي ڪهڙي ڪارڪردگي آهي جنهن جي بنياد تي هن پارٽيءَ کي ماڻهن ايترا ووٽ ڏنا جڏهن ته ملڪ ۾ ٿيندڙ سروي ٻڌائين پيا ته ماڻهو هن حڪومت مان بيزار آهن. ڪو هڪ ڪم به هنن اهڙو ناهي ڪيو جيڪو هنن جي لاءِ ڪا پلس پوانٽ بڻجي سگهي. اندروني توڙي بيروني پاليسيون ملڪ کي تباهيءَ ڏانهن وٺي ويندڙ لڳن ٿيون. قرضن جا انبار کنيا ويا آهن. خاص ڪري ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهانگائيءَ ته ملڪي عوام جو جيئڻ جنجال ڪيو آهي. ان صورتحال ۾ هيءَ پارٽي ڪيئن ايڏي وڏي ڪاميابي حاصل ڪري سگهي!

نون ليگ جنهن پوئين اليڪشن ۾ پهريون ۽ هاڻي واري اليڪشن ۾ پويون نمبر کنيو آهي اهو به پنهنجي جاءِ تي هڪ وڏو بحث آهي ته ائين ڇو ٿيو. ڇا انهن سچي پچي ايترا گهٽ ووٽ کنيا آهن يا پي ڊي ايم وارن جو اهو الزام صحيح آهي ته سندن اليڪشن چوري ٿي آهي جنهن جي لاءِ هو احتجاج به پيا ڪن ۽ برفاني هوائن ۾ ماڻهو انهن جو ساٿ پيا ڏين. ثبوت طور پي ٽي آءِ جي وزيرن جون اليڪشن ڪميشن وارن سان ٿيل ملاقاتن جا فوٽو، بيلٽ پيپرن جو بيليٽ باڪسن سميت هتي هتي رلڻ جا فوٽو پيش ڪيا پيا وڃن.

ڇا اصل ڳالهه نوازشريف کي اهو محسوس ڪرائڻ آهي ته ان جو بيانيو نامنظور آهي گڏوگڏ ان جي سموري پي ڊي ايم جي تحريڪ نامنظور آهي. انهن سڀني لاءِ پيغام آهي ته عوام جو جون جي تتل ڏينهن، جنوريءَ جي برف جهڙن ڏينهن ۾ لائين ۾ بيهي ووٽ ڏيڻ ڪا معنى ڪونه ٿو رکي. عوام جا اڀ ڦاڙيندڙ نعرا ڪنهن ڪم جا ناهن. اصل ڪنجي عوام وٽ ناهي. طاقت جو سرچشمو به عوام ڪونهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.